نوازشريف عمران خان سان ڳالهين جو حامي

اسلام آباد(تجزيو: جاويد چوڌري)نوازشريف چاهي ٿو ته عمران خان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن،محمود اچڪزئي به آخري ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ پاران عمران خان کي آپشن ڏنو ويو آهي ته هو 9 مئي واقعن تي معافي وٺي ته پوءِ ڀلي سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري يا ڪو نئون ميثاق ڪري ان تي اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو،سيپٽمبر عمران خان لاءِ ڳرو ثابت ٿي سگهي ٿو، هن خلاف ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي سگهي ٿو، جنهن بعد پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي، اسٽيبلشمينٽ ان سڄي ڪارروائي کان اڳ عمران خان کي آخري موقعو ڏيندي، جيڪڏهن عمران خان اهو آپشن قبول ڪيو ته پوءِ هو سسٽم ۾ ٻيهر شامل ٿي سگهي ٿو، عمران خان جيل ۾ هئڻ باوجود هن جو بيانيو اڃا به هلي رهيو آهي،اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي ڪوششن باوجود ماڻهو عمران خان ڏانهن وڃي رهيا آهن،جيل اندر هن جي سختين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پارٽي ۾ نظم ضبط نه هئڻ ڪري ڀرپور احتجاج نه پيو ٿئي، فائر وال بڻجڻ بعد پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم پنهنجو زور وڃائي ويٺي آهي،جڏهن ته فضل الرحمان عمران خان کي استعمال ڪري حڪومت کان فائدا وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا،مولانا جو ڪارڊ به عمران خان جي هٿن مان نڪري ويو، عمران خان کي انديشو آهي ته جنرل(ر)فيض حميد هن خلاف واعدي معاف گواهه بڻجي سگهي ٿو، عمران خان کي اندازو ٿي ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ  سان معاملا سڌا ٿيڻ کان بغير هن جي مشڪلات گهٽ نٿي سگهي ،هو ڳالهين لاءِ سوچي رهيو آهي، هو ٿي سگهي ٿو ته نوازشريف سان ڳالهين ۾ اڍائي سال حڪومت کي ڏئي ڇڏي ٻيو آپشن اهو آهي ته هو چوي ته مان بني گالا ۾ چپ ڪري ويهي رهندس.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 02 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.