اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ وڌيڪ ڊيڊ لاڪ برقرار نه رهندو، اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ دروازا کليل آهن.پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ رئوف حسن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون رياست جي مفاد ۾ آهن، اسان اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ آڻڻ نٿا چاهيون. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته اڳتي جو رستو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ذريعي آهي، اقتدار حڪومت وٽ نه پر اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي.رئوف حسن چيو ته چونڊ مينڊيٽ اصل ماڻهن کي وڃڻ گهرجي، هن مطالبو ڪيو ته مينڊيٽ کي عدالتي عمل ذريعي درست ڪيو وڃي يا وري نئين چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ عدليه کانپوءِ روڊن تي تحريڪ هلائينداسين، 8 سيپٽمبر کان ملڪ گير تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي سمورن وڏن شهرن ۾ جلسلا ڪنداسين اجازت ملي يا نه 8 سيپٽمبر تي جلسو هرحال ۾ ڪنداسين.
 
			