سامونڊي طوفان اسنيٰ ڪمزور ٿي ويو، آخري الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سامونڊي طوفان اسنيٰ لاءِ آخري ٽراپيڪل سائيڪلون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان اسنيٰ ڪمزور ٿي ويو، طوفان ڊيپ ڊپريشن جي صورت ۾ عمان جي سامونڊي ٻيٽ متاثرا کان 320 ڪلو ميٽر اتر اوڀر تي موجود آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته طوفان اسنيٰ گوادر جي ڏکڻ کان 370 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي، رات دير يا صبح تائين طوفان وڌيڪ ڪمزور ٿي ڊپريشن بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.