راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر خرم شهزاد چيو آهي ته بيٽنگ لائن تي مڪمل اعتماد آهي، اسان کٽينداسين.
راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شهزاد چيو ته وڪيٽ مددگار هئي، ڪوشش هئي ته بنگلاديش جيڪا پارٽنرشپ قائم ڪئي، ان کي بريڪ ڪيون.
هن چيو ته اسان هاڪاري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ پروفيشنل طور هر صورتحال لاءِ تيار رهندا آهيون، منهنجو خواب آهي ته ملڪ لاءِ وڏي عرصي تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏان ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيان.
واضح رهي ته خرم شهزاد بنگلاديش خلاف پهرين اننگز ۾ بهترين بالنگ ڪرائيندي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.
You might also like