ڪوهليءَ کي پرپوز ڪندڙ ڪرڪيٽر هم جنس پرست عورت سان شادي ڪري ڇڏي

جڳ مشهور ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي کي پرپوز ڪندڙ انگلينڊ جي عورت ڪرڪيٽر ڊينيئل وائٽ پنهنجي هم جنس پرست ساٿي جارجي هوج سان شادي ڪري ڇڏي، هوءَ سچن ٽنڊولڪر جي پٽ ارجن جي گرل فرينڊ به رهي چڪي آهي.
ڊينيئل وائٽ انگلينڊ جي زبردست بيٽر آهي، جن ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي ساٿي جارجي هوج سان مڱڻو ڪيو هو.
ڊينيئل وائيٽ ارجن ٽنڊولڪر جي بالنگ جي مداح آهي، ارجن جڏهن انگلينڊ ويندو آهي ته ڊينيئل سان ضرور ملندو آهي، گڏوگڏ ڊينيئل به جڏهن ڀارت ويندي آهي ته ارجن سان ملڻ جو موقعو ناهي وڃائيندي.
ڊينيئل وائيٽ 2014 ۾ ويرات ڪوهلي کي سوشل ميڊيا تي پرپوز ڪيو هو، هوءَ ڪوهلي جي وڏي مداح آهي.
ڊينيئل جي پارٽنرشپ جارجي ڪيبيس فٽبال ڪلب جي سربراهه آهي، ان جوڙي 2023 ۾ پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو هو.
ڊينيئل وائيٽ انگلينڊ جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر آهي ۽ ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، هوءَ ايندڙ وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ايڪشن ۾ نظر ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.