ڪراچي ۾ ٻه ٻار کوهه ۾ ڪِري پيا، بچائڻ لاءِ لٿل نوجوان به فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾ کوهه ۾ ڪِري ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو 1122 ذريعن موجب گارڊن جي علائقي ۾ ٻن ٻارن جي کوهه ۾ ڪرڻ جي اطلاع تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو پر پاڻي ۾ ٻڏي ٻئي ٻار ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿل نوجوان به فوت ٿي ويو، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
ريسڪيو ۽ پوليس ذريعن ٻڌايو ته ٻارڙا سني اپارٽمينٽ جا رهواسي هئا، جيڪي ڪرڪيٽ کيڏندي سئو فوٽ اونهي کوهه ۾ ڪِري پيا، هڪ نوجوان کين بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿو پر ٽئي ٻڏي فوت ٿي ويا.
پوليس اختيارين موجب ٻارن جي عمر 10 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.