ڀارت جي شهر ڪلڪتي ۾ 31 ورهين جي ٽريني ڊاڪٽر جي ريپ ۽ قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ ماڻهو سراپا احتجاج آهن.
هوڏانهن ڀارت ۾ ريپ ڪيسن کانپوءِ اهڙن ڏوهن جون وڊيوز آن لائن سرچ ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو خوفناڪ رجحان به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهي وڊيوز وڏي انگ ۾ آن لائن وڪرو ٿينديون آهن، اهو انڪشاف ڀارتي معاشري ۾ خوفناڪ تضادن کي واضح ڪري ٿو.
ڀارت ۾ جڏهن به ڪو ريپ جو افسوسناڪ واقعو ٿيندو آهي ته ان واقعي جون وڊيوز آن لائن سرچ ڪندڙن جي انگ ۾ واڌ ٿي ويندي آهي.
ڀارت جي هڪ سينيئر پوليس آفيسر موجب ريپ جي وڊيوز جو وڪرو ڪا نئين ڳالهه ناهي، اهي وڊيوز اڳ ۾ سي ڊيز ۽ يو ايس بي ذريعي ڀارت جي ٻهراڙين تائين پهچنديون هيون پر هاڻ انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ واٽس ايپ ۽ ٽيلي گرام تي ڪم شروع ٿي ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اهي وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪلپس کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي ويندو آهي.
You might also like