سعودي عرب ۾ گذريل مهيني ڪرپشن جي الزام ۾ 139 ڄڻا گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ڪرپشن روڪ کاتي موجب آگسٽ ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ 139 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.
رياض مان ڪرپشن روڪ کاتي موجب حراست هيٺ ماڻهو گهرو وزارت، بچاءَ، صحت، انصاف، تعليم ۽ بلديات وزارت جا ملازم آهن.
ڪرپشن روڪ کاتي ٻڌايو ته انهن تي رشوت، مني لانڊرنگ ۽ عهدي جي ناجائز استعمال جا الزام آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.