اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل نديم انجم گذريل سال سيپٽمبر ۾ فوج مان رٽائر ٿي چڪو هو،کيس حڪومت هڪ سال جي ايڪسٽينشن ڏني هئي ذريعن موجب هو هلندڙ مهيني سيپٽمبر ۾ عهدو ڇڏي هليو ويندو،ميڊيا تي هن جي ايڪسٽينشن جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، حڪومتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن موجب کيس مستقبل ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويندو ٻيو آپشن اهو آهي ته کيس يو اي اي ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪري سگهجي ٿو،جڏهن ته پي ٽي آءِ حامي يوٽيوبرن ان حوالي سان پروپيگنڊا ڪئي هئي ته آمريڪا ۾ جنرل نديم انجم کي آرمي چيف لڳائڻ لاءِ لابنگ ٿي رهي آهي،معيد پيرزاده دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۾ لابيز جنرل نديم انجم لاءِ لابنگ ڪري رهيون آهن، حالانڪه فوج ۾ رٽائرڊ آفيسر کي آرمي چيف لڳائڻ ممڪن ئي ناهي