اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ادارتي سڌارن لاءِ قائم ڪيل وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي اهم ميمبر ڊاڪٽر قيصر بنگالي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.جڏهن ته ڪفايت شعاري ۽ خرچ گهٽائڻ وارين ڪميٽين جي ميمبرشپ تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته حڪومت پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ سنجيده ناهي، حڪومت جو ڌيان رڳو ننڍن ملازمن جو تعداد گهٽائڻ تي آهي پر ننڍن ملازمن جو تعداد گهٽائڻ سان خرچن تي ڪو به فرق نه پوندو.هن چيو ته حڪومت تجويزن جي ابتڙ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن کي فارغ ڪري رهي آهي ۽ گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن کي بچائي رهي آهي، جيڪڏهن اعليٰ آفيسرن کي کاتن مان ڪڍيو ويو ته ساليانو خرچ ۾ 30 ارب رپين تائين گھٽجي ويندي، هن چيو ته حڪومت ٽنهي ڪميٽين جي سفارشن جي ابتڙ قدم کڻي رهي آهي، خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 50 سرڪاري کاتن کي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.ڊاڪٽر قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته معيشت تباهي طرف وڃي رهي آهي، قرضن سبب معيشت وينٽيليٽر تي آهي، آءِ ايم ايف ۽ ٻيا ادارا قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.ياد رهي ته شهباز حڪومت رائيٽ سائيزنگ نالي هڪ منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ مختلف ادارن جي نجڪاري ۽ غير ضروري کاتن کي بند ڪرڻ شامل آهي جنهن جو بنيادي مقصد ان منصوبي مان اربين رپيا بچائڻ آهي.