سنڌ ۾ خاص ڪري 90 جي ڏهاڪي کان پوءِ تعليم جي تباهي جو جيڪو دور شروع ٿيو آهي سو افسوس ته اڃان جاري آهي. ۽ ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي. ان حوالي سان ڪالهه عوامي آواز ۾ هڪ رپورٽ شايع ٿي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تعليم کاتي ۾ 20 سيڪڙو اهڙا گوسڙو استاد آهن جيڪي ڀوتارن وٽ منشي جو ڪم سر انجام ڏئي رهيا آهن ۽ پگهار تعليم کاتي کان وٺي رهيا آهن. اها صورت حال خاص ڪري ضلعي گهوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ گهڻي نظر اچي رهي آهي جتي وڏيرن جو راڄ آهي.
جڏهن ته سنڌ جي تعليم جو ماضي ڏسجي ته اهو تاريخي طور تي شاندار رهيو آهي. آڳاٽي دور ۾ سنڌ، تعليم جو گهوارو هوندي هئي. ٺٽو شهر علم جو مرڪز هوندو، هو ۽ ان جي هاڪ ڏيهان ڏيهه هوندي هئي. ان تاريخي ۽ شاندار تعليم جو اثر سنڌ ۾ 80 جي ڏهاڪي تائين قائم هو پر پوءِ 90 جي ڏهاڪي کان ان جو معيار خراب ٿيڻ لڳو، زوال تي پهتو ۽ هاڻي خاص ڪري سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن اندر مڪمل طور تي برباد ٿي چڪو آهي.
هاڻي تعليم جون سٺيون خبرون گهٽ پر خراب گهڻيون ملنديون آهن. ميڊيا تعليم جي تباهي جو نوحو بڻيل آهي. ڪٿي اسڪول آهن ته استاد ناهن، ڪٿي استاد مقرر ٿيل آهن ته اسڪول ناهن، ڪٿي اسڪولن جي حالت کنڊرن جهڙي آهي، ڪٿي ڪلاس هلندي عمارت جي ڇتن ۽ ڀتين جا شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان چاپڙ ڪرڻ جون رپورٽون شايع ٿين ٿيون، ڪٿي زمين تي ويهي تعليم پڙهائي ٿي وڃي. ڪٿي اسڪول به آهن استاد به آهن ته شاگرد ۽ شاگردياڻيون ناهن، ڪٿي اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي، واش رومن وغيره جي سهولت نه هوندي، ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ هن جديد دور ۾ به والدين نياڻين کي تعليم نه ٿا ڏيارين، مطلب ته سنڌ جي تعليم سان مسئلا ئي مسئلا آهن.
ان ڀڳل ٽٽل تعليمي نظام کي آخري ڌڪ ڪاپي جي مجرماڻي لاڙي ۽ گوسڙو استادن رسايو آهن . ماضي ۾ گوسڙو شاگرد ته ڏٺا ۽ ٻڌا ويا هيا پر گوسڙو استاد به ٿي سگهن ٿا اهو الميو به سنڌ جي تعليم سان ئي ٿيو آهي. گوسڙو استادن ۾ حيرت انگيز طور تي سنڌ جا ڪيترائي مشهور اديب ۽ صحافي به شامل آهن ته قوم پرست سياسي اڳواڻ به آهن جيڪي سماجي سرگرمين توڙي پنهنجي تقريرن ۽ لکڻين ۾ ته سنڌ لاءِ فڪرمندي به ڏيکاريندا ۽ عاشق به سڏائيندا، سنڌ جي حقن جي پرچار به ڪندا پر اسڪول ۾ پڙهائڻ جي ڊيوٽي نه ڏيندا، ڪلاس نه وٺندا باقي گوسڙو استادن وارو ڪردار ادا ڪندي گهر ويٺي پگهارون کڻڻ کي پنهنجو حق ضرور سمجهندا. ايئن صحافي جيڪڏهن ڊيوٽي ٽائيم کان پوءِ ميڊيا اندر پارٽ ٽائيم ڪم ڪن ٿا ته ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن اهي تدريس واري وقت ۾ صحافت ڪن ٿا ته پوءِ غيرقانوني عمل آهي جنهن جي ظاهر آهي ته اجازت نه ڏبي. جيڪڏهن سنڌ جا اهي استاد جيڪي ساڳي وقت اديب، دانشور صحافي قومپرست آهن سي ئي گوسڙو هجن ته عام استادن جي ڇا حالت هوندي. اهڙا گوسڙو استاد پوءِ وري وڏيرن جي منشي گيري ڪندي نظر ايندا آهن. جنهن جو مٿي ذڪر ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي.
اخباري دنيا اندر اسان اهو ڏٺو آهي ته جنهن موضوع تي سڀ کان گهڻو لکيو ويندو آهي سو تعليم جي سڌاري بابت هوندو آهي يعني عام طور تي سنڌ اندر سڀ کان گهڻي ڳڻتي تعليم جي ڪريل ۽ تباهه ٿيل صورت حال تي ڏيکاري ويندي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڳڻتي ناهي ته اها سنڌ حڪومت ئي آهي جنهن سبب سنڌ جي تعليم تباهه کان تباهه ئي ٿي رهي آهي. هاڻي ته تعليم جي سڌاري جو عالم آشڪار چئلينج موجود آهي، ميدان خالي آهي دل ٿي چوي ته جيڪر اخبارن ۾ ۽ ٽي وي چينلن تي اشتهار هلائجي ته سنڌ حڪومت کي اهڙو وزير گهرجي جيڪو تعليم جي بهتري وارو پراڻو دور بحال ڪري ڏيکاري. اهڙو اشتهار ڇپجڻ کان پوءِ ڏسجو ته تعليم جي سڌاري لاءِ ڪيئن ٿا تعليم دوست ظاهر ٿين. سو سنڌ اندر تعليم جو سڌارو هاڻي به ممڪن آهي پر حڪومت کي ان پاسي ڪا ڳڻتي ناهي ۽ نه ئي ان تعليم دانن کي تعليم جي وزارت ڏيڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي آهي. پ پ وٽ هونئن ته هاڻي به قومي اسمبلي ۾ ميڊم مهتاب ڪبر راشدي جهڙي شخصيت ايم اين اي طور موجود آهي ان کي ته جيڪر سنڌ جي وڏ وزارت جو منصب ڏجي پر جيڪڏهن نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي تعليم جي وزارت ڏئي سگهجي ٿي ۽ پوءِ ڏسجو ته اها تعليم جي سڌاري لاءِ ڇا ٿي ڪري ڏيکاري. اهو نالو اسان هتي مثال طور لکيو آهي اهڙيون مثالي شخصيتون سنڌ اندر ڪيتريون ئي موجود آهن، نئين نسل ۾به تمام ذهين پي ايڇ ڊي هولڊر نوجوان استاد موجود آهن جيڪي تعليم جي سڌاري لاءِ مضمون به لکندا آهن سي به تعليم جي وزارت ماڻڻ جا اهل آهن پر ڇا ڪجي جو اسان جو حڪومتي نظام به تعليمي نظام جهڙو ئي ٽٽل ڦٽل ۽ زوال پذير آهي.
سو جتي حڪومت ئي آئيڊيل نه هوندي ته اتي تعليم جو کاتو ڪيئن آئيڊيل ٿيندو. تنهن ڪري چوندا آهن ته درست ماڻهن کي درست جڳهه تي آڻيو تڏهن ئي درست ڪم ٿيندا. حڪومتي ۽ انتظامي سطح تي بهتري هميشه مٿان کان ايندي آهي هيٺان کان نه سو سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ کي سٺي حڪومت ۽ تعليم دوست آدرشي تعليم جي وزير جي ضرورت آهي. عام ۽ رواجي تعليم جي وزير کان ڳالهه چڙهيل آهي.