سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، سنڌ جي نامياري سماج سڌارڪ ۽ وڪيل حسن علي آفنديءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو 1885ع ۾ بنياد وڌو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي، هن وقت ترقي جا مختلف مرحلا طي ڪري مدرسي مان يونيورسٽي جي درجي تي پهچي وئي آهي ۽ سنڌ جي مهان هستين طرفان قائم ڪيل هي اداروهن وقت پنهنجي ملڪ کان علاوه سموري دنيا ۾ پنهنجو نالوڪڍي رهيو آهي. پنهنجي هڪ صدي کان وڌيڪ مدت يعني 139 جو تعليمي، تحقيقي ۽ تربيتي سفر مڪمل ڪري اڄ 140 هين سال ۾ پهچي ويئي آهي ۽ مختلف ڏسن ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.
بيشڪ، هي اداروملڪ کان علاوه دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيو آهي. هن اداري طرفان اڪثر اهم تعليمي ۽ تحقيقي ڪانفرنسون، سيمينار ۽ شاندار ميڙاڪا اڪثر ٿيندا رهندا آهن خاص طور تي فيبروري 2024 ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري گلوبل ريسرچ ڪانگريس ان ڏس ۾ هڪ تمام وڏي ڪاميابي هئي جنهن ۾ 6 پرڏيهي ملڪن ۽ ملڪ جي مختلف حصن مان اٽڪل هڪ هزار اسڪالرن ڪانگريس ۽ ڇهن بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن دوران 57 پينلسٽن پينل ڊسڪشنس ۾ حصو ورتو، 204 اسڪالر چيئر ۽ ڪو چيئر هئا، 120 ٽيڪنيڪل سيشن ٿيا، جڏهن ته 22 اهم اسپيڪر هئا، جن ۾ 4 پرڏيهي اسڪالرز به شامل هئا، جن ڪانگريس کي خطاب ڪيو. هن اداري لاء ڊاڪٽرمحمدعلي شيخ جي سربراهي واري سموري دور ۾ پڻ تمام گهڻيون ڪانفرنسون ۽ تحقيقي ۽ علمي خدمتن جي هڪ قابل فخر تاريخ آهي ۽ ان انتظاميا کان علاوه سمورن ذميوارن پاران پڻ پنهنجي حصي جا ڏيئا ٻارڻ ۾ پنهنجي طرفان ڪا به ڪثرنه ڇڏي ويئي آهي تڏهن وڃي هي ادارو پنهنجي هن مقام تي پهچي سگهيو آهي.
سنڌ مدرسي جي قائم ٿيڻ واري وقت ۽ دور جو جائزو وٺجي ٿو ته تن ڏينهن ۾ هند سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت نئون تعليمي نظام متعارف ڪرايو هو، جنهن کان متاثر ٿي حسن علي پنهنجن پٽن علي احمد ۽ اڪبر کي عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ ويو، جتي سندس سر سيد احمد خان سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مٿس سر سيد احمد خان جي خيالن جو ڪافي اثر ٿيو، مٿان وري محمدن ائسوسيئيشن جو باني سيد امير علي جڏهن ڪنهن مقدمي جي سلسلي ۾ 1884ع ۾ سيوهڻ ۾ آيو ته ٻنهي ان ڳالهه تي گڏجي ويچاريو ته سنڌ جي مسلمانن کي سياسي، تعليمي ۽ سماجي شعبن ۾ اڳڀرو ڪرڻ لاءِ قدم کڻجن. سر سيد جي اثر ۽ سيد امير عليءَ جي ملاقات بعد حسن علي آفنديءَ ’نئشنل محمدن ائسوسيئيشن‘ جي سنڌ ۾ شاخ قائم ڪئي ۽ 1885ع ۾ ڪوششون وٺي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو 1885ع ۾ بنياد وڌائين، جنهن جو مقصد باقي ننڍي کنڊ وانگر سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، سياسي ۽ سماجي شعور بيدار ڪرڻ هو. مدرسي جي انتظاميا طرفان سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان آيل غريب شاگردن کي رهائش ۽ کاڌي جي مفت سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ جي سامهون هڪ قافله سراءِ 25 روپين جي ماهوار ڪرائي تي حاصل ڪئي ويئي، ڪراچي ميونسپل ڪميٽيءَ طرفان اڳتي هلي اها جاءِ ائسوسيئيشن کي مفت ۾ ڏئي ڇڏي ويئي.
سنڌ مدرسة الاسلام جي اڏاوت لاءِ زمين ملڻ کانپوءِ هن سرنديءَ وارن ماڻهن کان مالي امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي عام ماڻهن ۽ زميندارن اٽڪل 40 هزار روپيا مدد ڏني. مختلف ميونسپالٽين 16 هزار روپيا ڏنا، خيرپور رياست جي واليءَ 12 هزار روپيا سالياني امداد انهيءَ شرط تي ڏني ته مدرسي جو پرنسپال انگريز هوندو. حسن علي آفنديءَ مدرسي کي مالي طور مضبوط ڪرڻ ۽ خرچ جي پورائيءَ لاءِ هندستان جي مختلف شهرن جو دورو پڻ ڪيو. پهرين سيپٽمبر 1885ع تي سنڌ مدرسة الاسلام جو باقاعده آغاز ٿيو ۽ نئين ٺهيل عمارت جو رسمي افتتاح ان وقت جي هندستاني وائسراءِ لارڊ ڊفرن، 14 نومبر 1887ع تي پيڙهه جو پٿر رکي ڪيو. حسن علي آفنديءَ جو پٽ ولي محمد، جيڪو حيدرآباد جي تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، ان کي 1886ع ۾ سنڌ مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ هن ڪاليج جو پرنسپال عمر بن محمد دائودپوٽو مقرر ٿيو. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت سنڌي، اردو ۽ گجراتي سيڪشن هوندا هئا، جتي 1200 کن ڇوڪرا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ غريب شاگردن کي هاسٽل ۾ مفت رهائش جي سهولت مليل هئي.
سنڌ مدرسة الاسلام جي اٺونجاهه سالن جي شاندار ڪارڪردگيءَ بعد محمد علي جناح جي ڪوششن سان 21 جون 1943ع ۾ سنڌ مدرسي کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد سنڌ مدرسي جي ماتحت ايس. ايم. سائنس ڪاليج، ايس. ايم آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، ايس. ايم. لا ڪاليج، فاطمه جناح گرلس ڪاليج ۽ ڪجهه ٻيا اسڪول پڻ قائم ٿيا. ايس. ايم. لا ڪاليج مان اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پڻ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ٻين ڪيترن تعليمي ادارن وانگر هن ڪاليج کي به قومي تحويل ۾ ورتو، جنهنڪري هيءُ ادارو سڌو سنئون مرڪزي حڪومت جي ماتحت ٿي ويو. سنڌ مدرسة الاسلام مان جن وڏين شخصيتن تعليم حاصل ڪري سياست، علم ادب ۽ سماجي شعبن ۾ پاڻ مڃايو، تن ۾ غلام محمد ڀرڳڙي، قائداعظم محمد علي جناح، حاجي عبدالله هارون، سرغلام حسين هدايت الله، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش،محمد هاشم گزدر، حاتم علوي، محمد ايوب کهڙو، سر شاهنواز ڀٽو، شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو، اي. ڪي. گبول، جي. الانا، حڪيم احسن، قاضي فضل الله، قاضي خدابخش مورائي، مير ايوب خان، عطاءُ الله مينگل، سردار محمد ابراهيم، سردار محمد يعقوب، سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه، صاحب ڏنو شاهه، بئريسٽر عبدالرحمان، عبدالحئي قريشي، عبدالستار افغاني، جسٽس سجاد علي شاهه، غلام علي نانا، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو،احمد علي چاڳلا وغيره شامل آهن.ان کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ٻئي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي گورنر 15 ڊسمبر 1993ع تي سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي بنائڻ جو چارٽر جاري ڪيو، پر اُن تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو. گهڻو پوءِ، ڊسمبر 2012ع ۾ ٻيهر پيپلز پارٽيءَ جي ئي حڪومت ۾ سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو بل سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ٿـيـو.