اسرائيلي فوج جمعي ڏينهن والاريل اولھھ ڪناري تي حملو ڪري حماس جينين جي اڳواڻ ويسام خزيم ۽ ٻن ٻين ويڙهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. اولھھ ڪناري جي اتر ۾ واقع جينين شهر ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان اسرائيل پاران وڏو فوجي آپريشن جاري آهي.اسرائيلي انتظاميا موجب سيڪيورٽي فورسز جنين جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع شهر زبابده ۾ ويسام خزيم کي نشانو بڻايو.ٻئي طرف فلسطيني ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز شهر ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي به حملا ڪري رھي آھي. 20 سالن ۾ اسرائيل پاران اولھھ ڪناري ۾ ڪيل ھي سڀ کان وڏو آپريشن آهي. فلسطين جي صحت وزارت موجب ٽن ڏينهن دوران ھتي 19 فلسطيني مارجي ويا آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسرائيلي فورسز جي تازي ڪارروائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ڪارروائي سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي کان پوءِ فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جون ڪارروايون جاري آهن جنھن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ هزارن ۾ ٿي ويو آهي. هاڻي جنگ سان گڏ هڪ ٻيو مسئلو به اڀرڻ شروع ٿي ويو آهي.جنھن ۾ اسرائيلي سرحد جي ڀرسان اولھھ جي ڪناري وارن علائقن ۾ اسرائيل فلسطيني زمينن تي قبضي جون خبرون اچي رهيون آهن. اولهھ ڪناري جي اھم شھر بيت اللحم جو ھڪ سرحدي علائقو ”بتير “يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل آھي.جتي انگور ۽ زيتون جا باغ آھن.هاڻي اھو يهودين جي آبادڪاري جو مرڪز بڻجي ويو آهي، اسرائيل ”بتير“ ۾ هڪ نئين يهودي آبادي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد علائقي ۾ صدين کان رهندڙ فلسطينين جي زمينن تي قبضي جون خبرون اچي رهيون آهن.يونيسڪو پاران بتير جي چوڌاري آبادڪاري تي ڳڻتي ظاھر ڪئي آھي.
غزه ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي اولھھ ڪناري اسرائيل جي آبادين جو تعداد وڌي رهيو آهي. اسرائيلي حڪومت ۾ انتها پسندن جي دعويٰ آهي ته اها تبديلي هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام کي روڪڻ ۾ مدد ڪندي.
جڏهن ته ان سڄي صورتحال ۾ ڪجهه حلقن پاران اهو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اسرائيل پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ غزه ۾ جنگ کي اجايو ڊيگھه ڏئي رھيو آھي.ڇاڪاڻ جو ان سان ھن جا مقصد حاصل ٿي رھيا آھن. اسرائيلي تنظيم ”پيس نائو“ موجب والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ يهودي انتها پسند اڳ ئي موجود ڇڪتاڻ ۽ غير مستحڪم صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن.
جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ھن علائقي ۾ اسرائيلي آباڪارن طرفان فلسطيني شهرين خلاف تشدد وڌي ويو آهي. گڏيل قومن موجب گذريل ڏھن مھينن ۾ اتي 1,270 حملا رجسٽرڊ ڪيا ويا. جڏھن تھ فلسطينين کي ارڙھن ڳوٺن مان نيڪالي ڏني وئي.جيڪي اسرائيل ۽ اردن جي سرحد تي واقع آھن.گڏيل قومن موجب 7 آڪٽوبر کان آگسٽ 2024 جي وچ ۾ اولھھ ڪناري ۾ 589 فلسطيني مارجي ويا، جن مان 570 اسرائيلي فورسز ھٿان ۽11 آبادڪارن هٿان ماريا ويا.
اولهھ ڪناري ۾ٺھيل ۽ ٺاھيل ڪيترين ئي آبادين کي اسرائيلي حڪومت جي قانوني مدد حاصل آهي. بهرحال،ڪجهه آباديون اھڙيون بھ آهن جن کي اسرائيلي قانون تحت غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.ان جي باوجود يهودي انتها پسند والاريل اولهه ڪناري ۽ خاص ڪري جينين علائقي ۾ مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
جولاءِ ۾ جڏهن گڏيل قومن جي اعليٰ عدالت پهريون ڀيرو اوڀر يروشلم سميت اولهه ڪناري تي اسرائيل جي قبضي کي غيرقانوني قرار ڏنو ھو تھ اھو چيو ويو ھو تھ ” ملڪ کي سڀني آبادڪاري جون سرگرميون بند ڪرڻ گهرجن ۽ جيترو جلد ٿي سگهي ان کي واپس وٺڻ گهرجي“.
اسرائيل جا اولھھ جا اتحادي هر هر انھن آبادين کي امن ۾ رنڊڪ قرار ڏيندا رھيا آھن،پر موٽ ۾ اسرائيل انھن کي رد ڪندي هميشه چيو آهي ته ”يهودي پنهنجي زمين تي قابض نھ آھن“