سنڌ ۾ برسات، 6 ڄڻا فوت، 100 ڪلوميٽر فاصلي تي سامونڊي طوفان !

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (رپورٽر / م ڊ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 5 ڏينهن کان لڳاتار وسندڙ مينهن تباهي مچائي ڇڏي، سوين گهر ڊگهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته عربي سمنڊ ۾ موجود ڊيپ ڊپريشن طوفان جي شڪل اختيار ڪري ويو، سامونڊي طوفان اسنيٰ ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 170 ڪلو ميٽر فاصلي تي موجود آهي. موسميات کاتي جي ٽئين الرٽ موجب رن آف ڪڇ، انڊيا ۽ لاڳاپيل  علائقن تي موجود ڊيپ ڊپريشن گذريل 12 ڪلاڪن دوران اولهه ۽ ڏکڻ اولهه ڏانهن وڌيو، ڊيپ ڊپريشن ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 170 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته طوفان جي اثر هيٺ ڪراچي شهر ۾ 60 کان 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، جڏهن ته برساتن جي شدت ۾ واڌ ٿيندي ۽ رات ۾ تيز اسپيل جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب 31 آگسٽ تائين ٿرپارڪر، بدين، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، ڄامشوري، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي، سنڌ جي مهاڻن کي پهرين سيپٽمبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊي جي ميٽ مهر صاحبزادا خان جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ پهرين سيپٽمبر کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو. برساتن جو سلسلو معمول کان وڌيڪ آهي، آگسٽ ۾ غير معمولي برساتون ٿيون. هن چيو ته ڊيپ ڊپريشن ڪراچي کان 170 ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي، سائيڪلون گوادر ڀرسان سمنڊ ۾ ٺهيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي موسم ٻن ڏينهن ۾ بهتر ٿي ويندي.ڪالهه به ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سبب وڻ ڪري پيا، جنهن سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، ڪراچي ۾ تيز هوائن سبب 3 علائقن ۾ وڻ ڪري پيا گلشن اقبال ۾ اسٽيڊيم روڊ ڀرسان وڻ ڪري پيو، هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. گلستان جوهر بلاڪ 10 ۾ تيز هوائن سبب هڪ وڻ ڪري پيو، جڏهن ته گلشن اقبال بلاڪ 17 ۾ هڪ وڻ بجلي جي تارن تي ڪري پيو، جنهن سبب علائقي ۾ بجلي معطل ٿي وئي ۽ ٽريفڪ رواني متاثر ٿي. حيدرآباد ۾ پنجين ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو. پنج ڏينهن کان ھلندڙ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا برسات جي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. ڦليلي واري علائقي ۾ ٿنڀي تي چڙھي تار لڳائيندڙ عباس نالي ھمراھه تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ھيٺ ڪري فوت ٿي ويو، مڪي شاھه ٿاڻي جي حد ريلوي ڪالوني ۾ گھر اندر بجلي جي تار ٺيڪ ڪندڙ 35 ورهين جو شاھد شيخ تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي ريلوي جو ملازم ۽ اصل ڪراچي جو رھواسي ھو. ھوڏانھن لطيف آباد جي مھر علي ڪالوني ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 ورهين جو حسنين فوت ٿي ويو، حيسڪو ترجمان موجب حيدرآباد ريجن جي حيدرآباد، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، مٺي، ڊگھڙي، سامارو ، ڪنري، ميرپورخاص ،ٽنڊوالهيار ، ڄامشورو، سيوهڻ، مانجهند، سن ٺٽو، بدين، ٽنڊومحمدخان، مٽياري، هالا، سانگهڙ، نواب شاهه، دوڙ، ٽنڊوآدم ، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ سعيدآباد ۾ شديد طوفاني برسات سبب حيسڪو ريجن جي 629 فيڊرن مان136 فيڊر ٽرپ ٿيل آهن. جتي بجلي بند آهي ۽ حيدرآباد شهر جي 137 فيڊرن مان صرف 11 فيڊرن جي بجلي بند آهي. جڏهن ته ٻهراڙي جا علائقا گذريل 5 ڏينهن کان بجلي کان محروم آهن. رڳو شهر ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي لاءِ بجلي جي فراهمي ڪئي پئي وڃي.ٻي پاسي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امڪاني سامونڊي طوفان سبب بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ماهيگيرن، سياحن جي کليل سمند ۾ وڃڻ تي کان پهرين سيپٽمبر 2024ع تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف لاڳاپيل ضلعن جي پوليس انتظاميا کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد پاران سامونڊي علائقن سميت حيدرآباد ڊويزن ۾ زوردار برسات کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا کي چوڪس رهڻ ۽ فوري طور تي امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ شهرين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب عربي عرب ۾ هوا جو شديد گهٽ دٻاءُ هن وقت ڪراچي کان 270 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي. امڪاني سامونڊي طوفان سبب سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ واقع ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ڪراچي شديد برسات جي گهيري ۾ اچي سگهن ٿا. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ پڻ برسات جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.ڪشمور ۽ ڀرپاسي تيز طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي ٽي پلي واري علائقي ۾ ڳوٺ حاجي خميسو خان مزاري جو رھواسي پورھيت جمال ممداڻي برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. بدين ۾ پنجين ڏينھن به تيز ھوائن سان گڏ ڏينھن رات ھلندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي موسميات کاتي پاران بدين ۾ 210 ملي ميٽر برسات پوڻ جو اطلاع طوفاني برسات سبب ھر طرف پاڻي ئي پاڻي بيٺل ڪيترائي ڪچا گھر ۽ ديوارون ڪري پيون لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو لکين ماڻھن جو جيئن ڏکيو ٿي ويو غريب ڏھاڙي دار ھڪ ويلي لاء پريشان آھن،گھرن ۾ برساتي پاڻي داخل ٿي وڃڻ سبب عام زندگي مفلوج بنجي وئي، پنجن ڏينھن کان شھري علائقن جي بجلي مڪمل بند پيل آھي ۽ پيڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئئ، ھزارين ماڻھن کلي اسمان ھيٺ ويٺل کين راشن سميت ڪو به امدادي سامان نه مليو معصوم ٻچا بکن ۾ پھا ٿي بيمار ٿي پيا آھن، رين ايمرجنسي لاءِ مقرر فوڪل پرسن دربار ھال ۾ ڪيل ھڪ ميٽنگ کان پوءِ  لاپتا آھي چونڊيل مقامي نمائينده پنھنجن گھرن تائين محدود آھن، جاتي جي سامونڊي پٽي ۾ پنجن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، وسڪاري سبب شاخون ۽ سم نالا ابتا وهڻ لڳا آهن، ساحلي پٽي سميت مختلف يونين ڪائونسلن هزارين گهر ڪري ويا جنهن ڪري رهواسي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريال جو فصل،مرچ ۽ ٽماٽي سميت ڦٽيون سميت ڪيترائي فصل تباهه ٿي وڃڻ ڪري آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، طوفاني هوائن سبب جاتي فيڊر سجاول روڊ تي 15 کان مٿي بجلي ٿنڀا ڪري پيا آهن، بجلي معطل هجڻ ڪري ڪارونهوار ٺپ پيل آهي،ميرپوربٺورو ۾ مسلسل جاري برساتن ۽ تيز طوفاني هوائن تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.جھوڪ شريف ۽ آسپاس ۾ گذريل 72 ڪلاڪن کان مسلسل پوندڙ برسات تباھي ڇڏي آھي ۽ اڪثر ھيٺائين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. جڏھن ته تيز ھوائن سان گڏ پوندڙ برسات سبب ڪيترن ئي. ڪچن ۽ ڪکاون گھرن جون ڇتيون اڏامي ويون آھن ۽ ڪيترائي ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن. جڏھن ڪيترن کي گھرن ۾ 2 کان 3 فوٽ برساتي پاڻي بيھي ويو آھي ۽ متاثر کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن. عمرڪوٽ ضلعي ۾ چوٿين ڏينھن به ھلڪي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو، پٿورو تعلقي جي شادي پلي ٽائون جو پوليس ٿاڻو ۽ ھيلٿ سينٽر ۾ ٻه فٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي، ضلعي جي مختلف شھرن سوين تعداد ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿيڻ سبب ڪيترائي ٻوڏ متاثر خاندان امدادي ڪاروايون شروع نه ٿيڻ ڪري دربدري جو شڪار آهن.سنڌ سرڪار طرفان چوماسي جي برسات دوران 6 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته برساتن دوران سنڌ ۾ 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، برساتن جو هيوي اسپيل ڪيترن ئي ضلعن ۾ هلي رهيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه اڳواٽ انتظاميا کي متحرڪ ڪري ڇڏيو هو، ميئر، صوبائي وزير ۽ خاص مددگار تڪن ۾ انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته بدين ۾ سڀ کان وڌيڪ 168 ملي ميٽر برسات پئي، شهيد فاضل راهو تعلقي ۾ 190 ملي ميٽر برسات ٿي، جتي پاڻي بيٺو اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا متحرڪ ٿي، ڪوٽ غلام محمد ۾ 134 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ميرپورخاص ۾ 157 ملي ميٽر برسات پئي.ٻي طرف ڪالهه به حيدرآباد، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول، بدين، قمبر، شهداد ڪوٽ، ٽنڊي الهيار، مٺي، عمرڪوٽ، دوداپور  ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري هيو، فريدآباد ۽ کير ٿر جي جابلو پٽي ۾ هلندڙ برسات سبب ستن کان وڌيڪ نئيون وهي اچڻ سبب 25 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو. قبي سعيد خان ۽ ڀرپاسي ۾ جاري برسات  هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.اڏيرو لال ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب ٽي گهر مڪمل طور  ڊهي پٽ ۽ 8 گهرن جون ڀتيون ڪري پيون.ٽالهي پنجن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، 16 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.ميان صاحب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو.چيلهار ۾ وسڪاري بعد سرڪاري اسپتال ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب مريض توڙي عملو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳو.بڪيرا شريف ۽ ڀرپاسي ۾ چئن ڏينهن کان جاري برسات  سبب بصرن، ٽماٽرن ۽ ووئنڻن جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.ڪڙيون گهنور ۽ ڀرپاسي ۾ جاري برسات تباهه مچائي ڇڏي، ڪيترن ئي علائقن ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهجي ويو.جهنڊو مري ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان پنجين ڏينهن به برسات جاري آهي، وسڪاري سبب تعلقي ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا.ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.

  1. ڪاڇي ۾ نئيون وهي آيون، ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊرين مان خطرو

جوهي(رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو )کيرٿر جي جابلو پٽي تي برساتن کانپوءِ نئين گاج 19 فوٽ وهي آئي، نئن گاج جي وهڪرن سبب يوسي ڊرگهه بالا، يوسي ساوڙو، يوسي پٽ گل محمد، يوسي ڇني، يوسي واهي  پانڌي، يوسي ٽنڊو رحيم خان، يوسي کوھ ماڻو، يوسي شاھ حسن ۽ ڪاڇي جا سوين ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن، جنهنڪري ڳوٺن جا رستا بند ٿي ويا آهن، متاثر ڳوٺن ۾ فتح بروهي، پٽ سليمان، بکر شهيد، طالباڻي لنڊ، گل محمد رودناڻي، محمد بخش لُنڊ، شهڪ رودناڻي، گولو فقير، شفيع محمد لنڊ، ننگرداريو، بازمال، شير محمد ٽالپور، راڄو ڳنڍو ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن، هوڏانهن  نئين گاج جي تيز وهڪري ۾ گاج ڊيم تي ڪم ڪندڙ ٻه مزدور ڇاڇرو واسي روشن رند ۽ شڪارپور واسي بادشاهه لاشاري لُڙهي ويا، اهڙي خبر پوڻ تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، وڏين ڪوششن بعد مقامي ماڻهن نوجوان شهنشاهه لاشاري کي بچائي ورتو، جڏهن ته نوجوان روشن رند هٿ نه اچي سگهيو، هوڏانهن  ڦاٽ واهه ٽُٽڻ سبب نئن گاج جو وهڪرو مختلف هنڌن کان ايف پي بند سان ٽڪرائجي ويو آهي، ايف پي بند جي مرمت نه ٿيڻ ۽ مختلف هنڌن کان ڪمزور هجڻ ڪري جوهي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جو ساهه مُٺ ۾ آهي، علائقي واسين موجب جوهي شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن کي هڪ طرف ايف پي بند ته ٻئي طرف ايم اين وي ڊرين مان شديد خطرو آهي ڇاڪاڻ ته 2022 واري ٻوڏ دوران ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا اڃا تائين بند ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، ٻئي طرف نئن گاج جي تيزي وهڪري سبب جوهي واهي پُل اوور ٽاپ ٿي وئي آهي جڏهن ته پُل جي پاسن کان ڏنل مٽي کڄي وئي آهي، پُل تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ۽ ماڇي ڍورو وهي اچڻ سبب سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جو رستو پڻ بند ٿي ويو آهي ، اطلاع آهن ته گورک تي ويل ڪيرائي سياح ماڇي ڍوري جي وهڪري سبب ڦاٿل آهن، هن سڄي صورتحال دوران انتظاميه ڪٿي به نظر ناهي آئي، جنهن ڪري هزارين خاندان بي يارومددگار آهن ،

  1. ٿر ۾ برسات ماروئڙن جي منهن تي مرڪون آڻڻ سان گڏ متيون منجهائي ڇڏيون!

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ٿرپارڪر ۾ ستين ڏينهن به تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو، سمورن شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگرپارڪر ۽ چيلهار سميت ضلعي جي ڳوٺن تي مسلسل برساتن ۽ طوفاني هوائن سبب ڪيترائي ڪچا ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڳوٺن ۾ رهندڙ غريبن خاندان سخت مشڪلاتن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن،ڳوٺن ۾ ڪچا گهر ڊهڻ ڪري ڪيترائي خاندان کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن،گهر ڪِرڻ سبب متاثر ٿيل خاندانن جي ڪنهن به واهر ناهي ڪئي، انتظاميه صرف مٺي شهر تائين محدود آهي ٻهراڙين جو ڪنهن به وزٽ ناهي ڪيو،کليل آسمان هيٺ ويٺل خاندانن پاران خيما ۽ کاڌو فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي پئي وڃي، سنڌحڪومت ٿر جي متاثر خاندانن جي مدد ناهي ڪئي ۽ نه وري ضلعي انتظاميه ايمرجنسي فنڊن مان ڪو واهر ڪئي آهي، ذريعن موجب ته رين ايمرجنسي فنڊ ڪٿي به خرچ ناهن ٿي سگهيا، انتظاميه مٺي شهر تائين محدود آهي.

  1. سنڌو ۾ چاڙهه سبب ميهڙ جو ڪچو ٻُڏي ويو، ڪاڇي ۾ نئيون وهي آيون

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميهڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي، شاهي بازار سميت مشهور واپاري مرڪزن ۾ پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب دڪاندارن جو لکين روپين جو  نقصان ٿي ويو آهي، ميھڙ جي روينيو آفيس ، سب جيل ،تعلقي اسپتال ،ميهڙ ٿاڻو ، روڊس آفيس ، ميونسپل ڪاميٽي آفيس ، سب رجسٽرار ، تعلقه ايجوڪيشن آفيس ، مارڪيٽ ڪاميٽي سميت اڪثر آفيسن جي اندر توڙي آفيسن ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستن تي پاڻي بيهي ويو آهي جنهن سبب آفيسن جو ڪاروبار به معطل رھيو آھي، برسات سبب ميھڙ جي ڪچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل ماروئڙن جي اھنجن ۾ به اضافو ٿي ويو آھي جڏھن ته ميھڙ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي کير ٿر جبلن تي برسات جي تيز وسڪارن بعد نئين دلان، ٻوري ،سگهرو، مزراڻي سميت علائقي جون 7 کان وڌيڪ نئيون وھي آيون آھن نئين جي پاڻي وھي اچڻ ڪري شاه گودڙيو، موجھڙ، گڙتل بنگلو، سانوڻ رند، مينھون خان رند سميت 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رستو ميھڙ فريدآباد وارھ سان ڪٽجي ويو آھي، ھوڏانھن ميھڙ جي ڪچي واري علائقي ۾ دريا ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ سبب ڪچي جي چئن يونين ڪائونسلن نئون ڳوٺ ، مگسي ، مريد لاکير ۽ شاه پنجو سلطان جا 70 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ ھجڻ ۽ برسات دوران بندن تي ويٺل ماروئڙن جي اھنجن ۾ به اضافو ٿي ويو آھي. ميھڙ مسلسل برساتن سبب سم شاخن کي به چاڙھ ٿي وئي 10 کان وڌيڪ سم شاخن ۾ پاڻي جي چاڙھ ھجڻ ڪري مختلف ھنڌن تان ٽٽڻ جو خدشو وڌي ويو آھي، ميهڙ جي شهرين ۽ علائقي واسين ايڊووڪيٽ سعيد پنھور، جميل احمد ڀٽو، مسعود مدھوش، رياض ڪلھوڙو، غلام عباس، فرحان احمد ۽ ٻين مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته ميهڙ شھر سميت واھڻ وستين ۾ برسات سبب الرٽ جاري ٿيڻ باوجود ميهڙ ميونسپل، ٽائون ڪاميٽي بلدياتي عملدارن جي نااهلي سبب ٿڏي تي تحرڪ نه وٺڻ سبب برسات شهرين لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي انتظاميه جي نااهلي سبب شهر ۾ پيل چند منٽن جي برسات به وڏو نقصان ڪيو آهي هنن گهر ڪئي آهي ته ميونسپل عملدارن جي نااهلي جو نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي.

  1. ساماري لڳ سم نالي کي 50 فٽ گهارو، پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو

سامارو (ن ع آ) ساماري تعلقي ديھ هيرل ۾ سانگهڙ ضلعي سميت بچابند پٿورو ۽ ٻين علائقن مان پاڻي کڻي ايندڙ سم نالي ۾ پاڻي جو ڀراءُ  ٿيڻ ڪري اورٽاٽ ٿي پيو آھي، ساماري تعلقي جي ديهھ 22 هيرل ۾ مير واٽر وٽ 50 فٽ گهارو پئجي ويو، پاڻي ڳوٺ رئيس هاشم ڀرڳڙي، ڳوٺ احمد هاليپوٽو، ڳوٺ وڏي 22 هيرل ۽ لاکا اسٽاپ سميت سوين ڳوٺن تائين پهچي ويو پر انتظاميا سميت آبپاشي عملي ڪوبه قدم نه کنيو آهي، جڏهن ته فوڪل پرسن رين ايمرجنسي ۽ صوبائي وزير سيد سردار شاھ پڻ ان گهاري واري هنڌ پهتو هو ۽ عملدارن کي فوري طور تي گهارو بند ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون پر تاحال گهارو هلندڙ آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

  1. سيري ۾ برسات سبب ڪيترن ئي پورهيتن جا گهر ڊهي پٽ

سيري (رپورٽ: ڪرشن راٺوڙ)سيري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 3 ڏينهن کان تيز ھوا سان ھلندڙ مسلسل برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي،  مسلسل برسات سبب مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.جڏهن ته پورهيت محمد علي ملاح، اڪرم ملاح، خداڏنو ملاح، اسلم ملاح، انور ملاح، زاھد ملاح ۽ يار محمد ملاح سميت ڪيترن ماڻهن جا ڪچا گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن ۽ پورهيت ٻير برفت جون  4 ٻڪريون برسات جي سٽ نه سھندي مري ويون.

  1. پيروالاشاري ۾ برسات سبب ڪچا گهر ڊهي پٽ

پيرولاشاري (رپورٽ: محمد ميراڻي)پيرولاشاري شهر سميت ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ  پئجي ويا، درگاھ شاهھ گهريو، يوسي پيرولاشاري واسي پورهيت ڀيل برادري برسات سبب گهر ڪري پوڻ سبب پنهنجا سر بچائي پيرولاشاري شهر جي پرائمري اسڪول ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي، جن جو چوڻ هو ته گذريل 2 ڏينهن کان اسڪول ۾ ويٺل آهيون پر هن مهل تائين ڪو به سرڪاري يا چونڊيل نمائدو وٽن لڙي ناهي آيو، پيرولاشاري سان لاڳاپيل يوسي پيرولاشاري، يوسي قاڏي قاضيه، يوسي گهڙو  ۾ برسات سبب ڪچن گهرن ۽ فصلن جو وڏو نقصان ٿيو آهي پر ڄاڻايل يوسين ۾ ڪٿي به ضلعي انتظاميا يا چونڊيل نمائندن هن مهل تائين ڪي به جوڳا اُپا ناهن ورتا جنهن ڪري عوام ۾ مايوسي ڇانئيل آهي.

  1. حيدرآباد ۾ مختلف واقعن ۾3 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. ڦليلي واري علائقي ۾ ٿنڀي تي چڙھي تار لڳائيندڙ عباس نالي ھمراھه تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ھيٺ ڪري فوت ٿي ويو، حيسڪو چيف واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڪسيئن ڦليلي کي قانوني ڪارروائي جي ھدايت ڪندي ڊائريڪٽر سي ايم او کان 24 ڪلاڪن ۾ جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ٻئي طرف مڪي شاھه ٿاڻي جي حد ريلوي ڪالوني ۾ گھر اندر بجلي جي تار ٺيڪ ڪندڙ 35 ورهين جو شاھد شيخ تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي ريلوي جو ملازم ۽ اصل ڪراچي جو رھواسي ھو. ھوڏانھن لطيف آباد جي مھر علي ڪالوني ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 ورهين جو حسنين فوت ٿي ويو، سندس گھرڀاتي ھن کي بيھوش سمجھي ڀٽائي اسپتال کڻائي ويا. جتي ڊاڪٽرن ھن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي. جنھن بعد ھو لاش واپس گھر کڻي ويا. جڏھن ته لطيف آباد نمبر 8 ۾ برسات سبب گهر جي زبون ٿيل ڇت ڪرڻ سبب نوجوان شان زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.