ادارا جبري گمشدگيون جاري رکي آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪن: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: جاني سومرو)  کنڀي گم ڪيل جي عالمي ڏينهن تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سڏ تي 3 تلوار کان ڪراچي پريس ڪلب تائين  ريلي ۾ سنڌي ۽  بلوچ گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي  ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو تصويرون کنيل هنيو، پلي ڪارڊ تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي فوري آزادي پاڪستان جي آئين تي عمل ڪرڻ جا نعرا درج ٿيل هئا. ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين اسد اقبال بٽ چيو ته يو اين او طرفان 30 آگسٽ تي جبري گمشدگين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي هن وقت سڄي  دنيا ۾ پاڪستان جبري گمشدگين جي زمري ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي بلوچ، سنڌي، سرائيڪي، پشتونن کي کنڀي ڪيو ٿو وڃي، جيڪو ماڻهو پنهنجي حق ۽ قوم لاءِ آواز اٿاري ٿو کين کنڀي گم ڪيو ٿو اسان اهو ٿا چئون ته غدار ڪير آهي غدار اهو هوندو آهي جيڪو آئين ۽ قانون کي نه مڃي پر اهي سڀ ماڻهو آئين ۽ قانون کي کي مڃين ٿا صرف ايجنسيون انهن کي غير آئيني غير قانوني طور تي انهن کنڀي گم ڪن ٿيون ان جو مطلب غدار هي نه پر ايجنسيون آهن. اسان جو اهو مطالبو آهي ته جيترا به ماڻهو کنڀي ڪيا ويا آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو  ڏوھ ۾ ملوث آهي ته ان کي ائين ۽ قانون موجب 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي . بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ سمي بلوچ چيو ته اسان ٻن ڏهاڪن کان جبري گمشدگين خلاف سراپا احتجاج آهيون اسان هن ملڪ اندر ائين قانون مطابق پنهنجي پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪندا آهيون، پر هر ڀيري  رياست اسان کي جوابي ڪارروائي ۾ تشدد ڪري گرفتاريون ڪري اسان جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪڏهن به هن مسئلي کي سنجيدگي حل ڪرڻ يا بحث ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. بلوچستان ۾ جبري گمشدگي بعد کين چچريل لاش ڦٽا ڪيا ويندا آهن، جبري گمشده ماڻهن جا لاش قبرن مان ملندا آهن، اهو اسان جي لاءِ قابل قبول ناهي، جبري گمشدگيون انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي آهي، ان خلاف اسان هميشه احتجاج ڪيو آهي ۽ اسان جي اها پرامن جدوجھد هميشه جاري رهندي.  نيشنل ٽريڊ يونين جي اڳواڻ ڪامريڊ ناصر منصور عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين آهي پر رياست خود آئين ۽ قانون جي خلاف ڪم ڪري ۽ پنهنجي ملڪ جي شهرين کي کنڀي گم ڪري ته ان رياست ۾ وڏو سوال پيدا ٿئي ٿو. سورٺ لوهار ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي ڏينهن تي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو ان جبر جي خلاف آواز اٿاريندو آهي، سنڌ ۾ جيڪي به ماڻهو رياست کنڀي گم ڪيا آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي، منهنجي والد کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري شهيد ڪيو ويو جنهن پهريان به ٻه ڀيرا کنڀي گم ڪيو ويو هو، ڇا هن ملڪ ۾ رهي ڪري اسان پنهنجو حق نه ٿا گهري سگهون، شهري پنهنجي بنيادي حق لاءِ آواز نه ٿا اٿاري سگهن، اسان اهو ظلم آهي چاهي اهو سنڌي هجي يا بلوچ، پشتون هجي جڏهن پنهنجا حق گهري ٿو ته رياست ان کي ڪچلي ٿي. سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو چيو ته هي جيڪو جبري گمشدگين جو مسئلو انتهائي سنگين مسئلو آهي ۽ سالن کان جيڪي سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ ٻين قومن جا ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن انهن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن رياست سمجهي ٿي ته انهن مٿان کي الزام يا ڏوھ آهن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اسان اهو به چئون ٿا ته جيڪي کنڀي گم ڪيل ماڻهن عدالتن کان مٿانهان ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ ذريعي قتل ڪيا ٿا وڃن انهن جو خاتمو ڪري ماڻهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ريلي کي شيما ڪرماڻي، ڪامريڊ عثمان، سعيد بلوچ، مهيش ڪمار، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ريلي ۾  بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، سنڌ سجاڳي فورم، وائس سنڌ مسنگ پرسن،  بلوچ مسنگ پرسن، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، وومين ايڪشن فورم، سنڌ هيومن رائيٽ ڊفينڊر ۽ ٻين سول سوسائٽي جي ماڻهن صحافي، وڪيل، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ايڇ آر سي پي طرفان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي نڪتل ريلي جي آخر ۾ قراردادون پاس ڪري وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته جبري طور گم ڪيل سمورن ماڻهن کي هڪدم بازياب ڪرائي انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اهي ڪنهن ڏوھه ۾ ملوث آهن ته انهن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي، انهن جي انصاف ۽ قانوني ضابطن جي سلوڪ جي حق کي برقرار رکيو وڃي. قرارداد ذريعي گهر ڪئي وئي جبري گمشدگين خلاف قانون ٺاهي ان کي ڏوھ قرار ڏنو وڃي هڪ ٻي قرارداد ذريعي گهر ڪئي وئي ته جبري گمشدگين جي تحفظ متعلق بين الاقوامي قانونن تي عمل ڪيو وڃي ساڻ گڏ جبري گمشدگين ۽ گم ڪيل ماڻهن تي حراست ۾ تشدد ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن ۽ ادارن کي جوابدار ٺهرايو وڃي. جبري گمشدگين جي جوڙيل ڪميشن جي نئون چيئرمين مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.