بلوچستان ۾ نگران دور ۾ هڪ اداري جو غلبو ڏسڻ ۾ آيو: ايڇ آر سي پي

ڪوئيٽا (پ ر) انساني حقن واري ڪميشن ايڇ آر سي پي پاڪستان جي سالياني رپورٽ ”پاڪستان ۾ انساني حقن  جي صورتحال 2023“ ۾ بلوچستان ۾ وڌندڙ عدم استحڪام ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سال ۾ عسڪريت پسندن طرفان 110 حملن جا اطلاع مليا. مارچ ۾ پوليس قافلي تي حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار مارجي ويا، سيپٽمبر ۾ مستونگ ۾ مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا. نومبر ۾ تربت ۾ 6 پنجابي مزدورن کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو. بلوچستان ۾ جبري گمشدگيون ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جا واقعا ڳڻتي جو سبب رهيا ۽ واقعن ۾ جوابدارن کي سزا نه ملڻ ۽ حڪومتي بي حسي جو عنصر واضح رهيو. نومبر ۾ بلوچ نوجوان جي عدالت کان مٿانهين قتل خلاف تربت کان اسلام آباد تائين مارچ ڪيو ويو جن کي هراسان ڪيو ويو ۽ پوليس پرتشدد ڪارروائي ڪري پرامن احتجاج جي حق کي پامال ڪيو. گوادر ۾ حق ڏيو تحريڪ رياستي جبري گمشدگين خلاف اپائن جو مطالبو ڪندي رهي. اظهار جي آزادي محدود رهي، صحافي سيڪيورٽي فورسز، عليحدگي پسندن، قبائلي اڳواڻن ۽ ٻين جي ڊپ سبب پريس تي پابندي تي ڳالهائڻ کان لنوائيندا رهيا. سردار عبدالرحمان کيٿران تي ماڻهن کي نجي جيلن ۾ حراست ۾ رکڻ سان گڏوگڏ هڪ ملازم جي ڪٽنب جي ماڻهن سان زيادتي کانپوءِ قتل جو الزام لڳايو ويو. فوجي رياست جو غلبو آگسٽ ۾ انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم مقرر ڪرڻ جي شڪل ۾ ڏٺو ويو. مقامي حڪومت تڪراري تڪبندين جي نتيجي ۾ چونڊون روڪي ڇڏيون، بجيٽ جي کوٽ حڪومتن جي ڪم ڪرڻ جي سگهه متاثر ڪئي. کاڻن ۾ حادثن ۾ 36 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿيا. مهاڻن کي مزدورن جو درجو ڏيڻ جو هاڪاري فيصلو ڪيو ويو، عورتن خلاف تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.