انٽرنيٽ جي سستي جو سبب7 مان 2 سب ميرين ڪيبل جي خرابي آهي:پي ٽي اي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  انٽرنيٽ تي ڀاڙيندڙ ڪاروبار ۾ سستي کي ختم ڪرڻ لاءِ صارفين کي پي ٽي اي جي اهم صلاح ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ سست انٽرنيٽ سبب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي  رهيا آهن، فري لانسرز سميت آن لائين ڪاروبار ڪندڙ به سخت پريشان آهن.اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) صارفين کي مشورو ڏنو آهي ته هو انٽرنيٽ تي انحصار ڪندڙ ڪاروبار ۾ سستي کي ختم ڪن.پي ٽي اي چيو آهي ته بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ محفوظ آن لائين ڪاروبار لاءِ پنهنجو وي پي اين ون ونڊو آپريشن کان حاصل ڪيو. پي ٽي اي چيو آهي ته سافٽ ويئر هائوسز، ڪال سينٽرز ۽ فري لانسر وي پي اين حاصل ڪري سگهن ٿا، چئن سالن ۾ وي پي اينز لاءِ 20 هزار آءِ پيز رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته ان کان اڳ پي ٽي اي جو چوڻ هو ته انٽرنيٽ جي سستي جو وڏو سبب 7 مان 2 سب ميرين ڪيبلز جي خرابي آهي.پي ٽي اي جو چوڻ هو ته ايس ايم ڊبليو 4 سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي آڪٽوبر جي شروعات تائين درست ٿي ويندي. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سب ميرين ڪيبل اي اي اي-1  جي مرمت ڪئي وئي آهي، انٽرنيٽ جي صورتحال بهتر ٿي ويندي.

  1. جيل ۾ عمران کان سهولتون واپس وٺڻ جي خبرن جي ترديد

راولپنڊي (م ڊ)اڊيالا جيل انتظاميا تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان کان سهولتون واپس وٺڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل عبدالغفور انجم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان کي جيل مينوئل  موجب سموريون سهولتون موجود آهن، جيل ۾ سندس سيڪيورٽي ۽ صحت جو خاص خيال رکيو پيو وڃي. عمران خان کي روز هڪ انگريزي اخبار ڏني ويندي آهي ۽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب، ورزش جي مشين ۽ واڪ لاءِ جاءِ به ڏني ويندي آهي. سپرنٽينڊنٽ جيل جو چوڻ هو ته عمران ۽ بشرا بي بي جي رد پچاءُ لاءِ به ڌار باورچي خاني جي سهولت ڏني وئي آهي، اسٽاف عمران خان جي سيڪيورٽي لاءِ هر وقت موجود آهي، عمران خان وٽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب به موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي سيل ۾ کليل گٽرن جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، بشرا بي بي جي سيل ۾ چوهن جي موجودگي واري خبر ۾ به سچائي ناهي.هن چيو ته عمران خان کي هفتي ۾ ٻه ڀيرا خاندان، وڪيلن ۽ سياسي ملاقاتن جي اجازت آهي، پي ٽي آءِ جي باني سان جيل ۾ ملاقات به ٿيندي آهي، پي ٽي آءِ جي باني کي ٽي وي جي سهولت به موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.