اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. صدر زرداري ڇنڇر ڏينهن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جڏهن ته وزيراعظم ڪالهه ملاقات ڪئي، ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پاران مولانا فضل الرحمان کي شامل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، هڪ هفتي ۾ مولانا فضل الرحمان سان ٻه وڏيون ملاقاتون ٿيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن جو مقصد مولانا فضل الرحمان جي ناراضگي ختم ڪرڻ ۽ کيس راضي ڪرڻ آهي. وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان کان ملڪ کي درپيش چيلينجز ۾ مدد ۽ سهڪار جي درخواست ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جمهوري سوچ رکندڙ سياستدان آهي. اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان کي هميشه وانگر جمهوري سياسي سوچ سان اڳتي وڌڻ جي درخواست ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته کيس يقين آهي ته مولانا فضل الرحمان انتشار پسند گروپ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان جا خدشا دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.