فضل الرحمان پي ٽي آءِ کان سينيٽ ۽ ڪي پي ۾ حصو گهري ورتو

اسلام آباد (معظم فخر): قومي اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس دوران مختلف پارٽين جي ميمبرن پاران آئيني ترميمن جا 9 بل جمع ڪرايا ويا  آهن. ان ڏس ۾ جي يو آءِ ف جي ايم اين اي نور عالم خان به بل جمع ڪرايو آهي، جيڪو هن واپس وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو پارٽي وابستگي کانسواءِ به بل جمع ڪرائي سگهي ٿو. پرائيويٽ ميمبرز ڊي رکيل ئي ان لاءِ آهي ته ميمبر پنهنجا بل پيش ڪن. ٻڌايو پيو وڃي ته نور عالم کان پارٽي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي به بل واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت لاءِ ڪجهه شرط رکيا آهن، جنهن تحت ان ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي لاءِ ڪجهه گنجائش پئدا ڪري ورتي آهي. جي يو آءِ قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت لاءِ سينيٽ جون ٻه سيٽون گهري ورتيون آهن. هوڏانهن قومي اسيمبليءَ ۾ ن ليگ جي ميمبر چنگيز خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حوالي سان ترميمن جو هڪ بل جمع ڪيو آهي. جڏهن ته دانيال چوڌري سپريم ڪورٽ م ججن جي تعداد بابت بل جمع ڪرايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.