منصور علي شاهه چيف جسٽس ٿيو ته ڇڪتاڻ وڌندي

اسلام آباد (انصار عباسي): ملڪ جي موجوده صورتحال تي اسٽيبلشمنٽ اختلافن جو شڪار آهي، ان لاءِ ايندڙ ڪجهه هفتا اهميت اختيار ڪري ويا آهن. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي آسرو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾  جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس ٿيڻ کانپوءِ صورتحال سندن حق ۾ ٿي ويندي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته فوجي اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليه جي ويڙهه ۾ اڃا اضافو ٿي سگهي ٿو. ماضي ۾ فوجي ۽ عدالتي اسٽيبلشمنٽ هڪ رهيون آهن پر هن وقت حالتون مختلف آهن. فوج ۽ حڪومت موجوده عدليه جي مخصوص سيٽن، عمران خان جي ڪيسن ۽ 9 مئي جي ڪيسن جي فيصلن مان ناخوش آهي. جيڪڏهن منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻجڻ کانپوءِ اليڪشن بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪري حڪومت کي ختم ڪري ٿو ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.