اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) پاڪستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس ٿيڻو آهي ۽ ان ۾ ڀارتي وزيراعظم نريدر مودي جي آمد اهم هوندي ڇو ته ان کان اڳ روس به دعوت باوجود ناهي ايندو ڇو ته هو ڀارت کي ناراض ناهي ڪرڻ چاهيندو پر هن ڀيري جڏهن مودي کي دعوت ڏني وئي آهي ته سندس اچڻ يا نه اچڻ بابت ڪنهن تصديق يا ترديد ناهي ڪئي. هاڻي اهم آهي ته پردي پٺيان ڪهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن. سينيٽ ۾ خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بلوچستان واقعن سان ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس نه ٿئي، ان دوران هن ڀارت جو نالو ورتو جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزيراعظم نريدر مودي پڻ پاڪستاني فضائي حدون استعمال ڪيون جيڪو هاڪاري پيغام آهي.