ڪجھه حڪومتي فيصلن تي پيپلزپارٽي ڇو ”اوچتو“ پريشان ٿي ويندي آ؟

تحرير: نصرت جاويد

اسلام آباد ايندي مون کي ڏيڍ سال گذري ويو تھ هڪ ڏينهن اوچتو خيال آيو ته لاهور مان هتي منتقل ٿي وڃڻ بعد  هڪ دفعو به بتي ناهي وئي. منهنجي ننڍپڻ ۾ لوڊشيڊنگ متعارف نھ ٿي ھئي، پر پوءِ بھ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو اسان جي گهر ۾ ٻه کان  ٽي ڪلاڪ بجلي موجود نھ هوندي هئي. سبب اهو ٻڌايو ويندو  ھو ته گهرن تائين بجلي پھچائڻ جون لائينون قيام پاڪستان کان اڳ  وڇايون ويون هيون. انهن مان ايندڙ بجليءَ جو وولٽيج به مختلف هو. اتي جيڪو سسٽم هو، ان کي ڊي سي سڏيندا ھئا. مون کي اڃا تائين خبر ناهي ته اهو ڇا جو مخفف آهي.اٺين يا نائين درجي ۾ هئس ته خبر پئي ته ڊي سي سسٽم هاڻي اي سي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. گهرن ۾ لڳل تارون ۽ پلگ وغيره آھن اھي نئين سسٽم ۾ فٽ نه پيا ٿين. گهر جي اندر بجليءَ جي فراھم ڪندڙ تارن ۽ پلگ کي مٽائڻو پيو. ان جي باوجود، بجلي عام طور تي ھلي ويندي هئي ڇو ته پاڙي ۾ اڪثر گهرن وارا پراڻي سسٽم تي بجلي ھلائڻ تي بضد ھئا. انھن  جو“ضد“ جديد“ تقاضائن جي اڳيان بھي رھيو.اسان جھڙن گھرن جي لاءِ اذيت جو سبب بڻيو.

اسلام آباد ۾ بجلي نھ وڃڻ واري  احساس کان سواءِ  1976ع جي سياري جي هڪ شام  مان ايف سيون سيڪٽر ۾ موجود مسواڙ تي ورتل گهر وڃڻ لاءِ F6 جي سپرمارڪيٽ جي ٻاهران دير تائين ٽيڪسي جو انتظار ڪندو رھيس. ان دوران هلڪي برسات شروع ٿي وئي. مون کي ڊپ لڳو ته اها تيز مينهن ۾ بدلجي سگهي ٿي. ان کان بچڻ لاءِ مون تڪڙو قدم کڻي گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو. 25 کان 30 منٽن تائين هلڻ دوران هڪ به پوليس وارو  مون کي روڪڻ لاءِ ڏسڻ ۾ نھ آيو،جيڪو پڇي  ته مان شام جي هن وقت ”آوارھ گردي“ ڇو ڪري رھيو آهيان. ياد رهي ته پنجاب ۾  بنا جواز ”آوارھ گردي“ گرفت جوڳي تصور ڪئي ويندي ھئي.

اسلام آباد جي ٿاڻن سان منھنجو واسطو  1981ع جي شروعات ۾ ٿيو. ”دي مسلم“ جي رپورٽر جي حيثيت سان  مان اسلام آباد ۾ جي سماجي ۽ سفارتي واقعن جون ئي نھ پر ڏوھن جون خبرون بھ ڏيڻ چاھيندو ھوس.منهنجا سينيئر چاهيندا هئا ته مان صرف ادب ۽ ثقافت جي موضوعن تي ئي  ڌيان ڏيان. سفارتي تقريبن تي  لکڻ جي روايت مون  ايجاد ڪئي ھئي. پڙهندڙن جي موٽ ڏاڍي سٺي ملي. آتش انھن ڏينهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ جوان ھو.سمجھ ۾ نھ پئي آيو تھ پنهنجو وقت ۽ توانائي ڪيئن خرچ ڪريان. ڏوهن جي رپورٽنگ تي بھ ڄمي ويس ۽ اتفاق اهو بھ ٿيو تھ پاڪستان جي ايڊيٽرن جي تنظيم اي پي اين ايس پاران جنھن خبر تي مونکي سال جي بهترين رپورٽر جو  اعزاز 1984 واري سال مليو، اها  اسلام آباد ۾ پوليس ھٿان  چوري جي الزام گرفتار ٿيل  هڪ جوابدار جي ٿاڻي ۾ تشدد سان موت جي باري ۾ هئي.

لڳ ڀڳ چار ڏهاڪا اڳ وارو اسلام آباد ھاڻي پوڙھائپ جي دور ۾ڏاڍو  ياد اچي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ مون توهان کي تفصيل سان ٻڌايو هو ته ڪيئن لڳ ڀڳ هر ٻئي ڏينهن مون کي ھاڻي گهر کان ٽي وي چينل جي آفيس پهچڻ لاءِ 20 منٽن جي بدران ڏيڍ ڪلاڪ  لڳي ٿو وڃي.ان جو سبب اسلام آباد جو مشهور ڊي چوڪ آهي. پارليامينٽ،ايوان صدر ۽ سپريم ڪورٽ جي ُپرشڪوھ  عمارتن جي سامهون واقع هن  ڊي چوڪ کي عمران خان  2014ع ۾  126 ڏينهن واري ڌرڻي سبب نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ متعارف ڪرايو ھو. ھن ان کي قاهره جو ”التحرير اسڪوائر“ بڻائڻ پئي چاهيو. ڊي چوڪ، پر ڊي چوڪ ئي رهيو، جتي ٿيل مظاھرا  نواز ۽ عمران حڪومت کي رڳو وقتي مٿي جو سور وجھندا رھيا.

پر گذريل ڪجهه مهينن کان ڊي چوڪ تي ٿيندڙ هر ڌرڻي يا مظاهري سڄي اسلام آباد جي رواجي زندگي مفلوج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ساڳيو ڪم اربع ڏينھن  پڻ ٿيو. يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي ملازمن وڏي انگ ۾ نام نھاد”ريڊ زون“ ۾ داخل ٿي ويا. مظاهرو ڪندڙن  ان زون  يعني ڊي چوڪ تائين پهچي بھ وڃن ته به شهر جي باقي علائقن جي زندگي هلندي رهڻ گھرجي.پر پوليس مظاهرن جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ باوجود بھ ان علائقي ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪري ڇڏي ٿي. ان حوالي سان سڀ کان وڌيڪ تڪليف انهن شهرين جو مقدر ٿيندي آهي، جيڪي اسلام آباد جي نام نهاد ”سگنل فري“  بليو ايريا جي ذريعي  پنهنجن گهرن يا مختلف آفيسن مان نڪرڻ يا اتي پهچڻ چاھيندا  آهن، پوليس کان ڪو پڇڻ جي جرئت ئي نٿو ڏيکاري تھ اوهان جي سموري ڦڙتي باوجود  احتجاج ڪندڙ ڪنهن نه ڪنهن طرح ريڊ زون ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.ان زون کي ”سيل“ ڪرڻ  لاءِ ڪنٽينر رکيا ويندا آهن. اھي گھڻو ڪري بيڪار ثابت ٿيندا  آھن.جيڪڏهن احتجاج ڪندڙ  ڊي چوڪ تائين پهچي وڃن  ته باقي روڊن کي ”سيل“ ڪري چستيءَ  ڏيکارڻ جا ڊراما ڇو رچايا پيا وڃن ؟ روز جي معاملن کي اڪلائڻ جي لحاظ ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي سبب ذليل و خوار ٿيندڙ شھرين جي پريشاني کي ذاتي طور محسوس ڪندي.

صحافي جي حيثيت ۾ مان ان وقت ڏاڍ حيران ٿيس، جڏهن اعجاز جکراڻي، پيپلز پارٽي جي ٽن ٻين اڳواڻن سميت يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي احتجاج ڪندڙن سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ لاءِ اتي پھتو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ٺاھيل  جماعت ۾ھاڻ ڪي  ٿورڙا  ئي ماڻهو بچيا آهن جن کي ھن جماعت جي  بنيادي چئن اصول مان : ”سوشلزم اسان جي معيشت آهي“.ياد رھجي ويو آھي. قصور جو چوڌري منظور  ”ديڳ م بچيل“  انهن داڻن ۾ شامل آهي.موصوف  احتجاج ڪندڙن کي ”انقلابي“ خطاب به ڪيو. يوٽيلٽي اسٽورز کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ”ورثو“ ٻڌايو، جنھن جو تحفظ پيپلز پارٽيءَ جولازمي  فرض ڄاڻايو. چوڌري منظور جي پرجوش تقرير جا ڪجھ ڪجهه مون سوشل ميڊيا تي ٻڌا، ھيڏانھن ھوڏانھن  فون ڪيا،  پتو پيو ته ”ڪامريڊ منظور“ جي فلائيٽ ”سولو“ نه هئي. تصديق ٿيل ذريعن کان خبر اھا ملي تھ  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اعجاز جکراڻي، چوڌري منظور ۽ اسد نيازي کان علاوه نفيسه شاهه کي بذات خود  احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ موڪليو ھو. کين اتي موڪلڻ کي ئي ڪافي نه سمجھيو هو. شهباز حڪومت سان به اعليٰ سطحي رابطا ٿيا هئا، بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ويو ته اسحاق ڊار ”جلد ئي“ رابطو ڪندو. احتجاج ڪندڙن کي خوش ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مناسب رستو ڳوليو ويندو. اربع تي 11 وڳي تائين مون کي متوقع رابطي جو اطلاع نه مليو ھو. سوال رڳو اهو اٿارڻو  آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ پنھنجي ميمبرن جو تعداد کي شهباز حڪومت لاءِ بيساکين جي صورت استعمال ڪندي  پيپلزپارٽي کي هن حڪومت جا ڪجهه فيصلا ”اوچتو“ ڇو حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.