راڌڻ اسٽيشن(رپورٽ:طارق سولنگي) سنڌو درياء ۾ چاڙهه بعد راڌڻ جو ڪچو ٻڏي ويو راڌڻ جي ڪچي جون چار يونين ڪائونسلون نئون ڳوٺ ، يونين ڪائونسل مگسي ، يونين مريد لاکير ، يونين ڪائونسل شاه پنجو سلطان جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺ درياءَ جي پاڻي لپيٽ ۾ اچي ويا پاڻي ڪچي جي بچاء واري ايل ايس بچاء بند سان ٽڪرائجي ويو آھي، راڌڻ : ڪچي جي مختلف علائقن جا رستا به پاڻي ۾ ٻڏي ويا سوين ڳوٺاڻا پاڻي ۾ ڦاٿل آهن انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو راڌڻ جي ڪچي جي مختلف ھنڌن تي ڏنل زمينداري بند به ٽٽي پيا.