ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ۾ چوٿين ڏينهن به چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري، ٻوڙان ٻوڙ ٿي وئي،زراعت کي ڪاپاري ڌڪ،ڪيترائي ڪچا پڪا گهر پٽ،تفصيل موجب ڪراچي ۾ چوٿين ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات وسندي رهي، اڪثر علائقن ۾پاڻي بيهجي ويو،بدين ضلعي ۾ چئن ڏينهن کان لڳاتار وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، ماڻهن جا اجها ڊهي پٽ، رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو، هزارين ايڪِڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو،ڳاڙهي ۾36 ڪلاڪن جي مسلسل برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا سون جي تعداد ۾ ڪچا گهر ڊهي پيا آھن ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقن ڳاڙهو ڪيٽي بندر کاروڇاڻ ٻهارا ساڪرو ٻگهاڻ سميت وڏي تعداد ۾ شهري توڙي ٻهراڙين جا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن رين امرجنسي جي فوڪل پرسن تڪ جي ايم پي اي حاجي علي زرداري تڪ ضلعي انتظاميه سان گڏ تڪ جو دورو ڪندي ماڻهن جي فوري مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي،جڏهن ته متاثر علائقن مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي، مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چوٿين ڏينھن تيز برسات جو سلسلو جاري رهڻ سبب ٻه گھر ڊھي پٽ ٿي ويا روڊن رستن گهٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو ڳوٺ مٺو شيخ ۾ لال بخش شيخ ۽ علي محمد شيخ جو گھر ڪري پيو جنھن سبب گھر ھيٺان دٻجي پنج ٻار سجاد شيخ ، ساجد شيخ ، تاج محمد شيخ ، محمد جمن شيخ ، غلام علي شيخ زخمي ٿي پيا هوڏانهن ماتلي ۽ ان جي آس پاس مسلسل برسات تباهي مچائي ڇڏي، شھر ۾ روڊن ۽ پاڙن ۾ برساتي پاڻي درياء جو ڏيک ڏيڻ لڳو،مواصلاتي نظام درھم برھم ٻئي طرف ساريون ۔ ڪمند ۔ ڦٽي ۔ ٻاجهر ۽ ڪيترن ئي بيٺل فصلن کي ڪاپاري پهتو،ٻئي پاسي نوشهرو فيروز ۽ آس پاس شهرن ۽ ڳوٺن ۾ طوفان سان گڏ تيز برسات پئي جنهن سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي ويا.ڄام صاحب شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن اٺھٺ موري 72 موري ھيڊ جمڙائو ۽ ٻين علائقن ۾ مسلسل ھلندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪري ورتي،هوڏانهن ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ ٻن ڏينھن کان لڳاتار وسندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي چمبڙ ، ٽنڊوالهيار ۽ جهنڊومري جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. انتظاميه ڳوٺن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي لاء ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا آهن. جڏهن ته مسلسل برسات بعد بجلي جو نظام پڻ ڊانوانڊول ٿي ويو آهي ۽ اڪثر علائقن مان بجلي غائب هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ، يونين ڪائونسل بڪيرا شريف مين مٽر کڏ مان برساتي پاڻي اور ٽاپ ٿيڻ ڪري پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ خلاف شهر جي خاصخيلي پاڙي جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو. جڏهن ته جهنڊومري جون ڍنڍون ۽ تالاب ڀرجڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ٻي پاسي ٽنڊوالهيار ۾ مقرر رين ايمرجنسي فوڪل پرسن سرفراز راڄڙ پاران ضلعي جي مختلف علائقن جا دورا ڪري برساتي پاڻي جي نيڪالي جو جائزو ورتو ۽ هدايتون پڻ جاري ڪيون. جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي سيد ضياء عباس شاه رضوي پاران ٽنڊوالهيار شهر جي مختلف ڪالونين سميت نصير واه تي قائم مين پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو،چيلهار ۾ مسلسل پوندڙ برسات سبب چيلهار جي سمورن پاڙن ۾ ڪٿي ڪچيون ته ڪٿي پڪيون ته چونئرا ته ڪٿي لانڍيون ڪرڻ جا اطلاع آھن . حيدرآباد ۾ چئن ڏينهن کان ھلندڙ برسات سبب سائيٽ ايريا زيل پاڪ ڪالوني ۾ ھڪ زبون ٿيل گھر جي ڇت ۽ ڀت ڪرڻ سبب ملبي ھيٺ دٻجي پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، حيدرآباد ۾ هلڪي ۽ تيز وقفي وقفي سان پوندڙ برسات جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، مسلسل ٽن ڏينهن تائين هلندڙ برسات وارو سلسلو ڪالهه رات دير تائين به جاري رهيو. حيدرآباد جي ميئر ۽ ضلعي انتظاميا دعوي ڪئي آهي ته شهري علائقن جو 90 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي ۽ ٻين هنڌن تان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان سلسلي ۾ هوڏانهن شهر ۾ گذريل رات هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو شام کان شروع ٿيو جيڪو صبح تائين رهيو، جنهن سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ڪالهه به شام ڌاري کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو رات دير تائين جاري هو، جنهن جي نتيجي برساتي پاڻي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو، جتان پاڻي نيڪال ٿي چڪو هو اتي ٻيهر پاڻي جمع ٿي ويو، هيٺاهين وارا علائقا بدستور پاڻي ۾ ٻڏل رهيا. قاسم آباد ۾ پاڻي نيڪال جي لاءِ استعمال ٿيندڙ واڌو واهه اور ٽاپ ٿيڻ لڳو آهي، ماڻهن جا ڪکانوان ۽ ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، سامارو ۾ ھلندڙ ٽن ڏينھن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. هڪ سوء مٿي ڪچا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا،کوسڪي ۾ طوفاني برساتن جي وسڻ جو اڻ کٽ سلسلو 60 ڪلاڪن کان جاري ڳوٺ ۽ شھر ٻڏي ويا ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ندي جا ٺيڪيدار ۽ ڪامورا سنڌ حڪومت جي رين ايمرجنسي جي ريڊ الرٽ وارين ھدايتن باوجود چوڪس رھڻ بدران غائب آهن،پراڻ ندي جي ٻنھي سائيڊن تي آباد ھزارين رھواسين ۾ سخت خوف حراس پکڙيل آهي،هوڏانهن ڪنڊيارو شهر ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات، سبب شھر ۽ ٻھراڙي جا روڊ رستا برسات جي پاڻي هيٺ اچي ويا آھن،ٽائون انتظاميا رواجي لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي برسات دوران يا بعد شھر ۾ ڪٿي به نظر نه آئي ڪنري تعلقي ۾ پنجين ڏينھن به برسات جو سلسلو جاري، ڪچا گھر ڊھي پٽ، ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا، فصلون ٻُڏي ويون، هاڪڙو ڍورو جي پاڻي ۾ چاڙھ، علائقي ۾ نقصان جو خدشو. ڳوٺن جو شھر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو مسلسل برسات سبب شھر جون سرڪاري عمارتون، پوليس ٿاڻو، اسڪولون ۽ ٻيا ادارا برساتي پاڻي سان ڀريل آھن، شھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري نظام زندگي مفلوج بڻجي وئي،هوڏانهن مٽياري ضلع جي مختلف علائقن علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان مٽياري، هالا،سعيد آباد. اڏيرو لعل. کيبر. شاهپور. پليجاڻي. کنڊو. ڀٽ شاهه ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري. ايس ايم بچاءُ بند جي انتهائي نازڪ حالت بند کي برسات سبب مختلف هنڌن تان وڏا ڏار پئي ويا ٻئي پاسي ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مسلسل جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي وڃڻ ڪري ماڻهو پنهنجن معصوم ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ليڪن انتظاميا پاران ايمرجنسي باوجود برسات متاثرين جي ڪا به واهر نه ڪئي آهي جڏهن ته مسلسل جاري برسات سبب شهر توڙي آس پاس جي علائقن ۾ گذريل 48 ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ سان گڏوگڏ موبائيل نيٽ ورڪ بند هجڻ ڪري عوام جا دنيا سان رابطا ڪٽيل هجڻ ڪري عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي شادي پلي ۽ ان جي آس پاس برسات تباهي مچائي ڇڏي ،سرڪار طرفان ريسيڪيو جا ڪي به بندوبست نه ٿيا شادي پلي شهر جي ٽائون ڪاميٽي آفيس ، پوليس ٿاڻو ، بنيادي صحت مرڪز ،بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول سميت ٻنهي وارڊن جي ڳوٺ ويهو مل ڪولهي سميت سمورن پاڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آھي لاڳيتو پوندڙ زوردار برسات سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ ، ڪمند ، مرچ ، بصر ۽ ٻيا فصل ٻڏي ويا آھن هوڏانهن شادي پلي جي علائقي وٽان گذرندڙ مين ايل بي او ڊي سم نالي ۾ مسلسل چاڙھ اچي رهيو آھي ۔ جنهن ڪري رهواسين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آھي ،هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي تباھڪارين جو گذريل 4 ڏينهن کان سلسلو جاري آهي جنهن ۾ علائقي جي اندر مها ٻوڏ جا منظر سامهون ايندي ڪيترائي ڪچا پڪا گهر ڊهي پيا آهن جنهن دوران 7 ڳوٺاڻن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي وڏي وزير جي فوڪل پرسن قاسم نويد طرفان هنگامي دورا ڪرڻ باوجود پاڻي جو مڪمل نيڪال ٿي نه سگهيو يونين ڪائونسل سعيد متو جا 25 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺاڻا ريسڪيو نه ملڻ سبب پاڻ پنهنجي مدد تحت پنهنجو چوپايو مال وٺي روڊن تي اچي ويا آهن ، سندن ٻار ٻچا گهر ڀاتي ڪپڙن جا ڇپڙا هڻي ويهڻ تي مجبور آهن پر کين ڪو به ضلعي انتظاميه توڙي سرڪار طرفان ٽينٽ يا وري راشن جو بندوبست ڪري نه ڏنو ويو آهي ،سيراڻي مان نمائندي موجب بدين جي ڏاکڻي پٽي ۾ ٻن ڏينهن کان تيزهوا سميت برسات سبب تيار ٿيل فصلن سميت وڻ بجلي جا پول ڪچا گهر ڪري پيا سڪرنڊ شھر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ تيز طوفاني هوا سان گڏ برسات جاري آهي، هوڏانهن کپرو ۽ آسپاس جي علائقن ڍليار ڀٽ ڀائٽي ھٿونگو لوڻ کاڻ کاھي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ مسلسل 3 ڏينھن کان وقفي وقفي سان برساتي وسڪاري سبب گھرن ۾ پاڻي بيھجي ويو شھر جي مک چوراھن سميت روڊن تي برساتي پاڻي بيھجي ويو بجلي بند شھري انڌيري ۾ رات گذارڻ تي مجبور آھن جڏھن ته 3 ڏينھن مسلسل برسات تباھي مچاھي ڇڏي برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا هوڏانهن ڪوٽڙي وقفي وقفي سان برسات شهر جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ مک رستن توڙي چوڪن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو گلشن شھباز واري علائقي ۾ ڪواٽر جي ڇت ڪرڻ سبب چار ٻارڙا دٻجي ويا ٻن کي بچايو ويو ھڪ فوتي ۽ هڪ زندھ ٻارڙو ملبي هيٺان ڦاٿل جن کي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڪڍيو ويو ٻئي پاسي دوداپور جي ڳوٺ غوث بخش ڪٽوهر ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻنهي ڄنگهن کان معذور 15 ورهين جي نينگر مير حسن ٿڏي تي دم ڏنو،مرزاپور جي ڳوٺ منڍو جي وانڍ ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻن سالن جي ٻاررڙي اقصيٰ جوڻيجو فوت، عورت ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو
ڪراچي(رپورٽر)برسات سبب اڄ ڪراچي ۾ اسڪول ۽ حيدرآباد ۾ سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو،ڪراچي ۾ اڄ سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رهندا، ان حوالي سان ڪمشنر ڪراچي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي،ڪمشنر ڪراچي مطابق اهو فيصلو موسميات کاتي،صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن برسات سبب حيدرآباد ضلعي ۾ به سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رهندا،