اسلام آباد (عمر چيما) ڪجهه ڏينهن کان اهي خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ۾ آهن ته برطانيا طرفان عمران خان لاءِ رليف جي درخواست ڪئي وئي پئي وڃي ۽ اهي ڳالهيون ان وقت گردش ڪرڻ لڳيون جڏهن 18 آگسٽ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ نواز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات ڪئي هئي پر اصل ۾ باقاعده رليف جي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي وئي، ملاقات ۾ رڳو عمران خان جو ذڪر ٿيو هو. اها ڳالهه ن ليگ ۽ برطانوي هاءِ ڪييشن جي ذريعن ٻڌائي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته اها هڪ عام ملاقات هئي. هڪ ڀيري برطانيا نواز شريف جي ويزا ۾ واڌ واري درخواست رد ڪئي هئي پر نواز شريف پاڪستان ۾ برطانيا جي هڪ سفارش نه مڃي هئي. برطانيا ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر مارڪ لائل گرانٽ کي خاص طور تي جنرل راحيل شريف کي آرمي چيف لڳرائڻ لاءِ سفارش ڪرڻ لاءِ پاڪستان موڪليو ويو هو پر نواز شريف ضد تي جنرل باجوا کي لڳائي ڇڏيو.