حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير پاران برساتن ۽ ٻوڏ لاءِ نامزد ڪيل فوڪل پرسن عبدالجبار خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري چيو ته حيدرآباد جي چئن تعلقن جي 9 ٽائونز ۾ مجموعي طور 662 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي جيڪا سراسري طور 110 کان 115 ملي ميٽر ٿئي ٿي. برساتن بابت فوڪل پرسن عبدالجبار خان چيو ته ٽن ڏينهن کان لاڳيتو برساتون پئجي رهيون آهن. حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا سميت ميئر حيدرآباد ۽ هو ذاتي طور تي فيلڊ ۾ رهندي پاڻي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪري رهيا آهن. ڪاشف شوري چيو ته حيدرآباد شهر جي آبادي ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ شهر جي انفرا اسٽرڪچر کي مستقبل کي نظر ۾ رکندي جهڙي طرح سان ترتيب ڏيڻو هو اهڙي سان ترتيب نه ڏنو ويو. عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا فيلڊ ۾ موجود آهن. سحرش نگر، مهر علي، لطيف آباد نمبر 7، لطيف آباد نمبر 2 ۽ ٻين هيٺياهين وارن علائقن ۾ جتي اڳي پنجن فٽن تائين پاڻي بيٺل هوندو هو هن دفعي انهن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي ڪافي بهتر ٿي آهي. شهر ۾ واسا جي 118 پمپنگ اسٽيشنون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن .