ڪٿي به صورتحال خراب ناهي، ماڻهو ڦاٿل ناهن: سردار شاهه

ڪنري (ت ر) رين امرجنسي سيل ضلع عمرڪوٽ جي فوڪل  پرسن صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ، ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمن لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، ٽائون ڪميٽي ڪنري جي چيئرمين  شڪيل باجوا ۽ ٻين سان گڏ ڪنري شهر جو دورو ڪيو سيد سردار شاھ چيو ته سموري ضلعي ۾ ڪنري ۽ پٿورو ۾ وڌيڪ برسات پئي آھي، ٻن ڏينھن تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو هن وقت تائين صورتحال نارمل آھي ڪنٽرول ۾ آھي هن چيو ته اڄ آئون پاڻ هاڪڙو ڍوري جو دورو ڪندس ۽ جتي به رڪاوٽون ھونديون انھن کي ھٽايو ويندو. 2022 جي صورتحال ھن کان وڌيڪ خراب ھئي جنھن کي منھن ڏنوسين ۽ ھن صورتحال کي به منھن ڏئي وينداسين هينئر صورتحال خراب نه آھي ڪٿي به ماڻھو ڦاٿل نه آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.