تنگواڻي ۾ پوليس مٿان حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 زخمي

تنگواڻي/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: مهتاب ملڪ+ ممتاز سنڌي) تنگواڻي بي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد شڪارپور- ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ   وي تي چمني اسٽاپ وٽ ڳوٺ ملگزار بھلڪاڻي ۾ اي ايس پي عتيق الرحمان جي پوليس اسڪواڊ مٿان ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ 3 سي ٽي ڊي جو اھلڪار محمود لاشاري، الله داد چانڊيو ۽ شعبان ملھڻ سخت زخمي ٿي پيا، زخمين مان ھڪ ڄڻي تنگواڻي جي مدرسي محلي رھواسي سي ٽي ڊي اھلڪار محمود لاشاري شڪارپور نيندي زخمن جا سٽ نه سھندي شھيد ٿي ويو، شھيد پوليس اھلڪار جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ وڏي انگ ۾ ماڻھون گڏ ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.