ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايم نائن موٽروي تي رهائشي ،هوٽلن ۽ پيٽرول پمپس رسائي نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ اين ايڇ اي سميت ٻين رپورٽس جمع ڪرائي ڇڏي آهي،جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ايم نائن موٽروي ڇا سپر هاءِ وي آهي،سنڌ حڪومت ڪهڙي معاهدي جي تحت زمين اين ايڇ اي کي ڏني آهي،عدالت چيو ته روڊ ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي،سپرهاءِ وي تي هوٽلون ۽ پيٽرول پمپ پهرين کان موجود هئا،ڇا سپر هاءِ وي لاءِ قانون الڳ هئا .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ زمين جو مسئلو الڳ آهي،ڪنهن به پرائيويٽ ماڻهو کي روڊ تائين رسائي اوهان روڪي نٿا سگهو ، رستو بند ڪيو ويو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اين ايڇ اي پنهنجي معيار موجب نئون موٽروي ڇو نٿو ٺاهي؟وڪيل چيو ته ٻه شهرن جي وچ ۾ ٽول پلازا ٺاهڻ گهرجي، عدالت چيو ته صوبائي ۽ وفاق جو مسئلو ڪائونسل آف ڪمپلين ۾ طئي ٿيڻ گهرجي يا وري موٽر وي کي سپر هاءِ وي ۾ تبديل ڪيو وڃي .اين ايڇ اي جي وڪيل چيو ته اورهيڊ برج ۽ پلن جي ذريعي شهرين کي سهولتون ڏنيون ويون آهن .عدالت چيو ته هر روڊ تي ٽول بوٿ ٺاهيا ويون آهن، .اين ايڇ اي جي وڪيل چيو ته ايم نائن موٽر وي تي 40ارب رپيا خانگي سيڙپ ڪاري ڪئي وئي آهي .وفاقي حڪومت موٽروي ٺاهڻ جي لاءِ زمين ڏني آهي ،ڪراچي ۽ حيدر آباد جي وچ ۾ متبادل موٽر وي ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي .عدالت چيو ته هرصوبي ۾ موٽر وي آهي سنڌ ۾ نه آهي،80 سيڪڙو بجيٽ لنڪ روڊن تي خرچ ڪئي ويندي آهي .اين ايڇ اي جي وڪيل چيو ته بحريا ٽائون جي رهائشن کان ٽول ٽيڪس نه ورتو ويندو آهي عدالت چيو ته حيدر آباد ميرپورخاص روڊ مفت هو، ان کي ايڪسپريس وي ٺاهي ٽول ورتو ويندو آهي اين ايڇ اي جي چيئرمين 5سال اڳ بيان ڏنو هو ته پراڻو ٽول پلازه ختم ڪري نئون ٺاهيو ويندو .عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته درخواستن کي مناسب حڪم نامي کان پوءِ جاري ڪيو ويندو .