ڳرا ٽئڪس ۽ مهانگي بجلي نامنظور، واپارين جي سڄي ملڪ ۾ هڙتال

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ملڪ ۾ مهانگائي، ڳرن ٽئڪسن ۽ مهانگي بجلي خلاف واپارين ۽ جماعت اسلامي جي سڏ تي سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به ڪاروبار بند رهيو.  ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ، صدر، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ، موبائل مارڪيٽ ۽ ٻيون بازارون بند رهيون. هڙتال واري سڏ کي حيدرآباد ۾ زبردست موٽ، ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند هئڻ سبب شهر ۾ ٽريفڪ به گهٽ هلڻ لڳي، حيدرآباد سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جا ڪاروباري مرڪز بند  رهيا.  سکر ۾ به شاهي بازار، صرافه بازار، ڪپڙا مارڪيٽ، گهنٽا گهر، غريب آباد، مشن روڊ ۽ ٻيا علائقا بند ٿي ويا.  لاڙڪاڻي ۾ 27 واپاري تنظيمن جي سڏ تي شٽربند هڙتال، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار، جيلس بازار، بندر روڊ ۽ پاڪستان چوڪ تي قائم سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا.  بدين ۾ به جزوي شٽربند هڙتال رهي. جهڏو ۾ شٽربند هڙتال رهي. جماعت اسلامي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. مورو ۾ صرافا بازار ۽ ٻيو ڪاروبار بند رهيو. جيڪب آباد ۾  شٽرڊائون هڙتال،ريلي ڪڍي ويئي. جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي ضلعي امير  ديدار حسين لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ به مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر ۾ ويراني وارو منظر هو. شڪارپور ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي جماعت اسلامي شڪارپور جي اڳواڻ مولانا عبدالسميع ڀٽي مولانا صبغت الله منصوري ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ مولانا محمود الاھي حڪڙو مولانا صدرالدين مهر حافظ نياز احمد ڀٽي جي قيادت ۾ لکيدر گھنٽا گھر چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي. انجمن تاجران ۽ جماعت اسلامي جي هڙتال واري سڏ تي ٽنڊو آدم ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، موبائيل مارڪيٽون، صرافه اينڊ جيولرز، فرٽيلائيزر، گڊز ٽرانسپورٽ سميت ٻين ننڍن وڏن دڪاندارن حمايت جو اعلان ڪندي پنهنجو ڪاروبار بند رکيو . ٽنڊوالهيار بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ اضافي ٽيڪس خلاف انجمن تاجران جي سڏ تي ٽنڊوالهيار ۾ شٽر بند هڙتال رهي. واپاري اڳواڻ وقار حميد ميمڻ چيو ته حڪومت بجلي جي بلن ۾ مسلسل واڌ ڪري واڌو ٽيڪس لڳائي واپارين سميت عوام سان ظلم ڪري رهي آهي. جوهي ۾ انجمن تاجران طرفان مڪمل ششٽر بند هڙتال رهي. واپارين احتجاجي مظاهرو ڪندي جوهي ناڪي چونڪ تي ڌرڻو هنيو .

اسلام آباد/لاهور/ ڪوئيٽا/پشاور( بيورو+ م ڊ) ڳرن ٽيڪسز ۽ مهانگي بجليءَ خلاف واپاري تنظيمن ۽ جماعت اسلامي جي  سڏ تي  سڄي ملڪ ۾  هڙتال رهي. لاهور جون واپاري تنظيمون هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويون، واپارين جي هڪ ڌڙي پاران هڙتال جي حمايت ۽ ٻئي ڌڙي پاران مخالفت ڪئي وئي، اڪثر بازارون بند رهيون. اسلام آباد انتظاميا احتجاج جي خدشي سبب ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا. فيصل آباد جي چوڪ گهنٽا گهر ۾ دڪان بند ڪرائڻ تي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۽ واپارين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ٻئي کي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس 2 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. راولپنڊي ۾ واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪوئيٽا ۾ به واپارين ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو. پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به ڪاروبار بند رهيو. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته واپارين، دڪاندارن، صنعتڪارن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ٻين مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي هڙتال کي ڪامياب بڻايو.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته شٽر ڊائون هڙتال جماعت اسلامي يا واپارين جي نه پر پوري قوم جي هڙتال آهي. هن هڙتال جي حمايت ڪرڻ تي عوام، واپارين، عالمن، سوشل ميڊيا تي سرگرم عورتن، نوجوانن، شاگردن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو. هن واپاري تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي خاص مبارڪباد ڏني.هن پوليس جي زور زبردستي سان مختلف شهرن ۾ بازارون کولڻ جي مذمت ڪئي ۽ واپاري تنظيمن جي اهڙي عمل کي ناڪام بڻائي ڇڏيو .هن هڙتال جي حمايت ڪرڻ تي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو خاص شڪريو ادا ڪيو.امير جماعت اسلامي چيو ته حڪومت کي عوام کي هر حال ۾ رليف ڏيڻو پوندو اهڙن حڪمرانن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، جيڪي پنهنجي مراعات، آسائشون ۽ آءِ پي پيز کي روڪڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ 25 ڪروڙ عوام جو رت نچوڙڻ لاءِ پرعزم آهن.

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل چيو آهي ته حڪومت واپارين جي دٻاءُ ۾ نه ايندي، پرچون فروش کي هر صورت ۾ ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو. جڏهن ته هاڻي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين کان نه ڀڄنداسين پر واپارين جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين. راڻا احسان افضل چيو ته جيڪڏهن واپارين کي لڳي ٿو ته اسان غلط ڪري رهيا آهيون ته پوءِ هو ٻيهر ويهي سگهن ٿا. وزيراعظم کي ايف بي آر کي ري سٽرڪچر ڪرڻو پوندو، پرچون شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.