بجلي اگهن ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ تي پاڪستانين جي پريشاني ۾ واڌ:سروي

اسلام آباد(م ڊ) مهانگائي ۽ بيروزگاري تي پاڪستانين جي ڳڻتي ۾ گهٽتائي آئي آهي پر بجلي جي اگهن ۽ ٽيڪسن ۾ اضافي تي پاڪستانين جي پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي، اپسوس پاڪستان ڪنزيومر ڪانفيڊنس سروي جاري ڪري ڇڏي، اپسوس پاڪستان جي گذريل سروي ۾ 34 سيڪڙو جڏهن ته موجوده سروي ۾ 33 سيڪڙو ماڻهن پريشاني تي پريشاني جو اظهار ڪيو، بيروزگاري تي پاڪستانين جي ڳڻتي ۾ به 8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، سروي مطابق بجلي جي اگهن ۽ ٽيڪسن ۾ اضافي تي پاڪستانين جي پريشاني ۾ اضافو ٿيو آهي، بجلي جي وڌندڙ قيمتن کان پريشان پاڪستانين جي شرح 5 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 11 سيڪڙو جڏهن ته ٽيڪسن ۾ اضافي تي ڳڻتي 6 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 9 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.