ڪراچي (م ڊ): اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ڪوشش آهي ته پرڏيهي مالي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ايندڙ مالي سال تائين وچ اوڀر جي ڪمرشل بئنڪن کان 4 ارب ڊالر ملي وڃن. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالرن جي پروگرام جي منظوري لاءِ گهربل 2 ارب ڊالرن جي اضافي پرڏيهي فنانسنگ جي ويجهو آهي. جميل احمد چيو ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جا هاڪاري اثر پيا آهن، مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي باوجود ڪرنٽ اڪائونٽ ڪنٽرول هيٺ آهي. جولاءِ ۾ مهانگائي 11.1 سيڪڙو هئي، گذريل سال اها 30 سيڪڙو هئي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي سموري اڳڀرائي جو جائزو وٺندي، ان ڪري وياج جي شرح بابت اڳواٽ فيصلا نه ٿا ڪري سگهجن. جميل احمد موجب اسان کي هاڻي ترقي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهي نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ ٻين سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاء اهميت وارا آهن. هن چيو ته مرڪزي بئنڪ جو مينڊيٽ آهي ته ترقي تي ڌيان ڏيڻ کان اڳ قيمت ۽ مالي بهتريءَ کي يقيني بڻائڻ آهي.