سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ تي جاري ڪيل اسٽي آرڊر ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمرسيال جي عدالت  ڪراچي جي هاڪس بي ايريا ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي . سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر زين شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو .عدالت حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي . عدالت درخواست جي ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي . عدالت الاٽمينٽ بابت وڌيڪ ڪارروائي اڳ ئي روڪي ڇڏي هئي. عدالت طرفان صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ناظر مقرر ڪيو ويو هو. عدالت علائقي جي رهواسين کي گهرن مان ڪڍڻ کان به روڪي ڇڏيو هو .عدالت مقامي رهواسين کي حراسان ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي  .ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر چيو ته انگريزن جي دور کان وٺي ماڻهو ان تي رهن ٿا. ماڻهن کي بي دخل ڪري ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي.درخواستگذار زين شاهه جي وڪيل عاقب راجپر چيو ته ڊي ايڇ اي انتظاميا 6 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري علائقي واسين بي دخل ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.