اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپارين کان ٽيڪس وصولي جي معاملي تي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس اسڪيم ۾ واپارين جي مرضصي جي تبديلين لاءِ تيار ٿي ويو.
ايف بي آر ذريعن موجب جيڪڏهن واپاري تيار ٿين ته ترميمي نوٽ فوري طور جاري ڪري سگهجي ٿو، ننڍن واپارين کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي ترميم مسودي ۾ شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪم ٽيڪس گوشواري جو فارم سادو ۽ آسان اردو ٻولي ۾ جاري ڪيو ويندو، 10 ڪروڙ رپيا ساليانو ٽرن اوور تي سيلز ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب ايف بي آر طرفان واپارين لاءِ انڪم ٽيڪس ٽيبل ۾ ترميم جو به امڪان آهي، گذريل ڏينهن واپاري تنظيم جا نمائندا ايف بي آر چيئرمين سان ملاقات لاءِ نه آيا.
واضح رهي ته ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيل گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته واپاري دوست اسڪيم ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ٿيندي.
You might also like