اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سينيئر صحافي حامد مير جي ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اٽارني جنرل منصور عثمان عدالت کي ٻڌايو ته ڪينيا حڪومت سان معاهدو ٿيڻو آهي، ڪينيا حڪومت طرفان ڪجهه پهچ ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ تيار ڪئي وئي ، اها رپورٽ منظر عام تي اچڻ تي ڪينيا حڪومت ناراضگي جو اظهار ڪندي ڪالعدم قرار ڏنو، اٽارني جنرل چيو ته ڪينيا ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، ان کانپوءِ رپورٽ مڪمل ٿي وئي، ڪينيا حڪومت سان معاهدي جي مسودي جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا هاڻي ڪينيا موڪلي ويندي، ارشد شريف شهيد جي ڪيس ۾ ٻن پاڪستانين کان جاچ ڪئي ويندي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اها درخواست جوڊيشل ڪميشن جي قيام سان لاڳاپيل آهي، ڪو معاهدو ٿيو يا نه، ان تي پاڪستان جو ڇا موقف آهي؟ جي آءِ ٽي جو طريقيڪار ڇا آهي؟، اٽارني جنرل چيو ته ڪيس سپريم ڪورٽ ڏسي رهي آهي، جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي، معاملي تي سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جوڙي وئي آهي، اونهاري جي موڪلن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.