ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سڄي صوبي ۾ 31 آگسٽ تائين سخت مينھن جو امڪان آھي، سنڌ سرڪار طرفان ڪنھن بھ ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، عوام ڪنھن بھ اڻ وڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ اختيارين سان سھڪار ڪري. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ وزير اعليٰ ھائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آھي، چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي، سنڌ سرڪار طرفان صوبي جي 30 ضلعن ۾ انچارج مقرر ڪيا ويا آھن، وڏي وزير سمورن وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ ڊويزنل ڪمشنرن کي چوڪس ۽ متحرڪ رھڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سمنڊ ۾ بھ چاڙھھ جو خدشو آھي، مھاڻن کي سمنڊ ۾ نھ وڃڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، پاڻي جي نيڪال جي لاءِ ٽائونز کي ضروري مشينري ڏني وئي آھي، ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جي پاڻي جي نيڪال واري سسٽم کي پھرين کي بھتر ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ مڪاني ادارن ۽ پيپلز پارٽي جي يوسي چيئرمينز ۽ ڪائونسلرز سان گڏ چونڊيل نمائندن ۽ واسطيدار انتظاميھ کي بندوبست جون ھدايتون ڏنيون ويون آھن، حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ تائين بندن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، ڪمزور ھنڌن جي بھ نگراني جاري آھي.