اسلام آباد (م ڊ) حڪومت لاءِ سادگي واري پاليسي جي منظوري ڏيندڙ وزيراعظم آفيس پاڻ پنهنجي ئي پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي ئي ملازمن کي اعزازيا ڏئي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم آفيس مالي سال 23-2022 دوران آپريشنل خرچن جي حوالي سان سادگي جي قدمن تي عمل نه ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس جي انتظاميه مالي سال 23-2021ع دوران پنهنجي ملازمن کي اعزازيي جي مد ۾ 10 ڪروڙ 89 لک 4 هزار 510 رپيا خرچ ڪيا، آڊٽ ۾ ڏٺو ويو ته وزيراعظم آفيس جي ملازمن ۽ آفيسرن کي سال ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اعزازي رقم ملندي رهي.وزيراعظم آفيس جي ڊسپينسري انتظاميا دوائن جي خريداري جي مد ۾ 78 لک 95 هزار 680 رپيا خرچ ڪيا، جيڪا خريداري مسابقتي ماحول کي يقيني بڻائڻ کان سواءِ ڪئي وئي.