ڊي ايڇ اي کي ڏنل هاڪس بي جي زمين سان مقامي آبادين جي ٿيندڙ بي دخلي ۽ گهڻ رخا نقصان

تحرير: ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي تنهن جي تيزي سان وڌندڙ شهري ڊيگهه ۽ ويڪر گهڻي وقت کان بحث جو هڪ وڏو موضوع رهيو آهي. ان معاملي ۾ طاقتور ريئل اسٽيٽ ڊيولپرز جي مفادن کي اڪثر ڪري مقامي برادرين جي مفادن جي خلاف ڄاتو ويندو آهي. ويجهڙ جي سالن ۾ ان حوالي سان وڏن تڪراري مسئلن مان هڪ مسئلو سنڌ حڪومت پاران ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) کي ڪياماڙي ضلعي ۾ هاڪس بي جي سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ڪرڻ آهي جيڪو اتان جي مقامي ماڻهن کي اٿارڻ، بي گهر ڪرڻ جو سبب بڻجي ويو آهي جڏهن ته اها مقامي آبادي ورهين ۽ پيڙهين کان اتي آباد آهي.

زمين جي الاٽمينٽ جو تڪرار:

ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي جيڪا اصل ۾ فوجي اهلڪارن کي رهائشي ۽ واپاري جڳهون ڏيڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي سا هاڻي پاڪستان جي سڀ کان طاقت ور ريئل اسٽيٽ جي ادارن مان هڪ بڻجي وئي آهي. ڪجهه سالن کان ڊي ايڇ اي پنهنجو اثر وڌائيندي ڪراچي جون ڪيتريون ئي زمينون سنڌ حڪومت جي سهڪار سان حاصل ڪري ورتيون آهن. ويجهڙ ۾ ڪياماڙي ضلعي ۾ ٿيل زمين جي الاٽمينٽ پڻ ان حڪمت عملي جو حصو آهي.

ڪياماڙي ڪراچي جي قديم ترين ۽ ۽ ثقافتي لحاظ کان اهم ضلعن مان هڪ آهي جتي وڏي عرصي کان مقامي آباديون ترسيل آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ هن علائقي جي قدرتي وسيلن تي ڀاڙينديون آهن. انهن آبادين ۾ ملاح، ننڍا آبادگار ۽ واپاري شامل آهن سي تاريخي طور تي پنهنجي ماحول سان ئي جڙيل آهن. جڏهن ته ڊي ايڇ اي کي زمين جي مليل الاٽمينٽ سان هاڻي ان نازڪ توازن جي بگاڙ جو پڻ وڏو خطرو ٿي ويو آهي.

مقامي آبادي جي دربدري جو معاملو:

ڪياماڙي ۾ ڊي ايڇ اي کي ڏنل زمين ئي مقامي آبادين جي جبري بي دخلي جو ڪارڻ بڻي آهي. اهڙيون بي دخليون اڪثر ڪري مقامي آبادين کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪيون وينديون آهن، نه کين معاوضو آڇيو ويندو آهي نه ئي متبادل انتظام جو ڪو آسرو ڏنو ويندو آهي. سو اهي خاندان جيڪي نسلن کان انهن علائقن ۾ رهيل هوندا آهن سي اوچتو بي گهر ٿي ويندا آهن. سندن غريباڻا اجها ڪيرائي ان جڳهن تي اعليٰ معيار جا رهائشي منصوبا اڏيا ويندا آهن. اهي بي دخليون نه رڳو انهن خاندانن کي سندن اباڻن علائقن کان محروم ڪنديون آهن پر سندن روايتي اقتصادي زندگي کي به متاثر ڪنديون آهن. انهن مان ڪيتريون ئي آباديون ماهيگيري ۽ زراعت تي ڀاڙينديون آهن سو زمين تان نيڪالي جو مطلب انهن کان روزگار کسڻ وارو نقصان به هوندو آهي جيڪو کين اقتصادي غير يقيني صورت حال ۽ سماجي بدحالي ڏانهن پڻ ڌڪي ڇڏيندو آهي.

ماحولياتي ۽ ثقافتي اثر:

ڪياماڙي ۾ ڊي ايڇ اي جي والار ڪ مخصوص ماحول لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي. اهو ضلعو تمر جي ٻيلن (مينگرووز) جو پڻ گهر آهي جيڪو ڪراچي جي ساحلي علائقن جي ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ اهم هوندو آهي. اهي تمر جا وڻ مڇين ۽ ٻين سامونڊي جيوت جي پيداوار توڙي تحفظ جو ڪم ڪندا آهن. ساحلي ٻيٽن کي طوفانن ۽ ٻوڏن کان بچائڻ لاءِ قدرتي طور رنڊڪ جو ڪم ڪندا آهن. ان علائقي ۾ وڏي پئماني تي اڏجندڙ رهائشي منصوبن سان انهن تمر جي ٻيلن جي ختم ٿيڻ جو پڻ خطرو آهي جنهن سان نه رڳو مقامي ماحولياتي نظام پر انهن ماڻهن جو روزگار به تباهي جي نذر ٿي سگهي ٿو جنهن تي مقامي آبادين جو جياپو هوندو آهي. ان کان سواءِ ڪياماڙي جو ثقافتي ورثو جنهن ۾ تاريخي جڳهون ۽ روايتي شامل آهن تن کي پڻ ڇيهي رسڻ جو خطرو آهي.

سنڌ حڪومت جو ڪردار:

سو سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ اي کي زمين جي الاٽمينٽ ڪرڻ سان اها پڻ شديد تنقيد جو نشانو بڻي آهي. مٿس تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجن ئي شهرين خاص طور تي پٺتي پيل مقامي آبادين جي مفادن جي ڀيٽ ۾ طاقت ور ريئل اسٽيٽ ڊيولپرز جي مفادن کي اوليت ڏني آهي. زمين جي الاٽمينٽ جي عمل ۾ شفافيت جو خيال نه ڪرڻ ۽ متاثر آبادين سان مشاورت جي فقدان سبب انهن تنقيدن کي وڌيڪ هٿي ملي آهي. ان کانسواءِ بي دخل ٿيل خاندانن لاءِ مناسب معاوضي يا متبادل رهائش ڏيڻ جي معاملي ۾ ناڪامي سبب پڻ حڪومت کي وڏي پئماني تي مذمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. اها حڪومتي لاپرواهي انهن بي دخل ٿيندڙ ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿي.

متوازن نقطئه نظر جي گهرج:

ڪياماڙي ۾ زمين جي الاٽمينٽ واري تڪرار ڪراچي ۾ شهري ترقي لاءِ متوازن نقطئه نظر جي اهميت جو وڌيڪ احساس پيدا ڪرايو آهي. اقتصادي ترقي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهميت کان برابر انڪار نٿو ڪري سگهجي پر اهي مقصد مقامي آبادين جي حقن ۽ روزگار جي قيمت تي نه حاصل ڪرڻ گهرجن. سو شهري منصوبابندي لاءِ وڌيڪ جامع نقطئه نظر جي ضرورت آهي جيڪو سڀني واسطيدار ڌرين جي گهرجن کي نظر ۾ رکندو هجي. انهن واسطيدار ڌرين ۾ مقامي آباديون، ماحولياتي ماهر ۽ ڊيولپرز شامل آهن. ان نقطئه نظر بابت متاثر آبادين سان صلاح مصلحت پڻ شامل هئڻ گهرجي. جيئن سندن آواز کي ٻڌي سگهجي ۽ سندن حقن جو احترام ڪري سگهجي.

ڪياماڙي ۾ ڊي ايڇ اي کي سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ڪراچي جي تيزي سان وڌندڙ شهري آبادي جي چئلنجز جي پڻ ياد ڏياري ٿو. مقامي آبادين جي بي دخلي ۽ ان سان وڌندڙ امڪاني ماحولياتي اثرن وڌيڪ منصفاڻن ۽ پائيدار ترقياتي نقطئه نظر جي ضرورت کي نروار ڪيو آهي. سو جيئن جيئن ڪراچي ترقي ڪندو ٿو وڃي ته اهو ضروري آهي ته سڀني ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ شهر جي امير ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ بڻايو وڃي.

ڪياماڙي ۾ زمين جي الاٽمينٽ واري تڪرار ڪراچي ۾ شهري ترقي لاءِ متوازن نقطئه نظر جي اهميت جو وڌيڪ احساس پيدا ڪرايو آهي. اقتصادي ترقي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهميت کان برابر انڪار نٿو ڪري سگهجي پر اهي مقصد مقامي آبادين جي حقن ۽ روزگار جي قيمت تي نه حاصل ڪرڻ گهرجن. سو شهري منصوبابندي لاءِ وڌيڪ جامع نقطئه نظر جي ضرورت آهي جيڪو سڀني واسطيدار ڌرين جي گهرجن کي نظر ۾ رکندو هجي. انهن واسطيدار ڌرين ۾ مقامي آباديون، ماحولياتي ماهر ۽ ڊيولپرز شامل آهن. ان نقطئه نظر بابت متاثر آبادين سان صلاح مصلحت پڻ شامل هئڻ گهرجي. جيئن سندن آواز کي ٻڌي سگهجي ۽ سندن حقن جو احترام ڪري سگهجي. ڪياماڙي ۾ ڊي ايڇ اي کي سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ڪراچي جي تيزي سان وڌندڙ شهري آبادي جي چئلنجز جي پڻ ياد ڏياري ٿو. مقامي آبادين جي بي دخلي ۽ ان سان وڌندڙ امڪاني ماحولياتي اثرن وڌيڪ منصفاڻن ۽ پائيدار ترقياتي نقطئه نظر جي ضرورت کي نروار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.