گھوٽڪي: قتل ڪيس جي جوابدارن خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي عدالت مان ڀڄڻ جي ڪوريج ڪرڻ دوران خالد لنڊ جي پرائيوٽ ماڻھن عوامي آواز گھوٽڪي جي رپورٽر محمد يوسف منگي کان موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران موبائل جي اسڪرين کي نقصان پھچايو، جڏهن ته خانگي ٽي وي جي ڪئميرا مين عبدالرئوف سومرو جو موبائل فون کسي ويا ۽ نجي ٽي وي جي ڪئميرامين صدام ملڪ ۽ رضوان ملڪ کان به موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
-
پي ٽي آءِ جو پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو فيصلو
اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪندي.
-
نگار اوريا مقبول جان رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
لاهور(م ڊ) لاهور جي عدالت ڪالم نگار اوريا مقبول جان جي رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.ڪالم نگار اوريا مقبول جان کي مذهبي نفرت پکيڙڻ واري ڪيس ۾ ڊيوٽي مئجسٽريٽ حامد الرحمان ناصر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي رياست، عدليه ۽ اعليٰ اختيارين خلاف پوسٽون آهن، سندس گروپ کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ان ڪري عدالت کيس وڌيڪ 10 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري.اوريا مقبول جان چيو ته مون ڪڏهن به چيو ته احتجاج ڪريو، هي ماڻهو هڪ تجزيي کي به ڏوهه بڻائيندا آهن.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد وڌيڪ 4 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو.
-
نيپرا جو صلاحڪار ڪي اليڪٽرڪ جو اڳوڻو ملازم نڪتو
اسلام آباد (م ڊ) ڪراچي ۾ نيپرا جو صلاحڪار ڪي اليڪٽرڪ جو اڳوڻو ملازم نڪتو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي ۾ ڪابينا ڊويزن لکت جواب ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ نيپرا جو صلاحڪار ڪي اليڪٽرڪ جو اڳوڻو ملازم آهي ۽ ڪراچي ۾ نيپرا جي صلاحار جي مقرري شفاف ۽ سخت عمل ذريعي ٿي. ڪابينا ڊويزن چيو ته صلاحڪار جي چونڊ وڏي تجربي ۽ ڪراچي ۾ بجلي جي شعبي ۾ ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي، ڪراچي ۾ نيپرا جو صلاحڪار ڪنهن به شڪايت بابت اڪيلي سر ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهي. ڪابينا ڊويزن ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين ڪي اليڪٽرڪ خلاف نيپرا کي 6862 شڪايتون مليون ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف 6376 شڪايتن کي اڪلايو ويو، جڏهن ته 486 تي ڪم جاري آهي. ڪابينا ڊويزن موجب شڪايتن کي اڪلائڻ لاءِ نيپرا ۾ 1372 ٻڌڻيون ٿيون.
-
مسلم ليگ ن پاران شڪيل خان جي ڪرپشن الزامن جي جاچ جو مطالبو
پشاور (م ڊ) مسلم ليگ ن خيبرپختونخوا اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان جي ڪرپشن الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ مسلم ليگ ن جي صوبائي ترجمان اختر ولي چيو آهي ته شڪيل خان وڏي وزير علي امين گنڊاپور تي ڪرپشن جا الزام هنيا آهن، اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪريون ته ان تي سوموٽو ايڪشن وٺي. مسلم ليگ ن خيبرپختونخواهه جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. هن چيو ته الزام هنيو پيو وڃي ته خيبرپختونخواهه ۾ وزير پئسا ڏئي وزير بڻجي ويٺا آهن. اختر ولي اهو به چيو ته سوال اهو آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور شڪيل خان کي برطرف ڪيو پر هو پاڻ اڃا تائين ڪرسي تي ڪيئن ويٺو آهي؟