گهوٽڪي: شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پاران به ”عوامي آواز“ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي، هن چيو ته“ عوامي آواز“ شهيد نصرالله قتل ڪيس کي بهتر نموني رپورٽ ڪيو ۽ بنا ڪنهن خوف خطري جي حقيقتن کي نروار ڪيو، جنهن تي عوامي آواز جي سموري ٽيم جس لهي، عدالت اسان سان انصاف ڪيو آھي اسان جوابدرن سان ھر موڙ تي قانوني جھنگ وڙھنداسين.