بجلي واهپيدارن تي 46 ارب 80 ڪروڙ رپيا بار وجهڻ جي درخواست

اسلام آباد (م ڊ) نيپرا جي چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ نيپرا ۾ گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي  مد ۾ 46 ارب 80 ڪروڙ رپيا واهپيدارن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيپرا کي ٻڌايو ويو ته اگهن ۾ واڌ جو ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ تي لاڳو ٿيندي. ڪيپيسٽي پيمينٽ جي مد ۾ 22 ارب 86 ڪروڙ رپيا گهريا ويا آهن، آپريشنز ۽ مينٽيننس جي مد ۾ 4 ارب رپين جي درخواست ڪئي وئي. يوز آف سسٽم چارجز ۽ مارڪيٽنگ جي مد ۾ 7 ارب 51 ڪروڙ جڏهن ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز جي مد ۾ 10 ارب 80 ڪروڙ رپيا گهريا ويا آهن. ٻڌڻي دوران ميمبر ڪي پي مقصود انور پڇاڻو ڪيو ته ڪمپنيون اهو ٻڌائين ته ڪيتري بجلي اوهان کنئي، هڪ هڪ ڊسڪو استعمال ڪيل ۽ استعمال نه ڪيل بجلي جا تفصيل ٻڌائي. ان تي ميمبر ڪي پي سوال اٿاريو ته ڪمپنيون ٻڌائين ڪيتري بجلي ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي هئي؟ ميمبر سنڌ رفيق احمد شيخ پڇيو ته ڪمپنيون ٻڌائين ته ڪيپيسٽي پيمينٽ ڇو وڌي رهي آهي؟ پيسڪو ۽ گيپڪو واهپيدارن کي نيٽ ميٽرنگ کان ڇو منع ڪري رهيا آهيو؟ هن ڪمپنين جي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته واهپيدارن کي ڇو تنگ ڪيو پيو وڃي، ڇا بجلي ڪمپنين جي بورڊ نيپرا حڪمن کان مٿانهين آهي؟ نيپرا عملدارن ٻڌڻي دوران ٻڌايو ته آخري 3 ماهي ايڊجسٽمينٽ جو بار هڪ رپيو 90 پيسا في يونٽ پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.