اسلام آباد (م ڊ): آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، پاڪستان کي اميد آهي ته سيپٽمبر ۾ آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ملندي. پر آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي 4 سيپٽمبر تي سڏايل اجلاس جي شيڊول ۾ في الحال پاڪستان جو نالو شامل ناهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان 12 ارب ڊالرن جي قرض جو مدو وڌائڻ لاءِ به درخواست ڪئي آهي، سعودي عرب کان وڌيڪ 1.2 ارب ڊالرز قرض وٺڻ درخواست ڪئي وئي آهي نئين قرض جو مقصد 2 ارب ڊالرن جو مالي خسارو پورو ڪرڻ آهي. پاڪستان ڏانهن اڳ ئي 5 ارب ڊالرن جو ڪيش ڊپازٽ جي صورت ۾ قرض رهيل آهي. پاڪستان وٽ چين جا 4 ارب ڊالر ۽ يو اي اي جا 3 ارب ڊالر ڪيش ڊپازٽ آهن. چين جو 4.5 ارب ڊالر ڪمرشل قرض ان کانسواءِ آهي.