اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان سعودي عرب کي وڌيڪ 1.2 ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪري ڇڏي. نئين قرض جو مقصد 2 بلين ڊالر جي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ آهي. پاڪستان تي اڳ ئي سعودي عرب جو 5 ارب ڊالر ڪيش ڊپازٽ جو قرض واجب الادا آهي جڏهن ته پاڪستان وٽ چين کان 4 ارب ڊالر ۽ امارات وٽان 3 ارب ڊالرز جا روڪ ذخيرا آهن. ذريعن موجب حڪومت چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان 12 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪرائڻ لاءِ به سرگرم آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب چين سميت 4 ارب 50 ڪروڙ ڊالر جو ڪمرشل قرض ان کانسواءِ آهي. ٻئي طرف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو 4 سيپٽمبر تائين شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان جو نالو في الحال آءِ ايم ايف جي بورڊ جي شيڊول ۾ شامل ناهي. ناڻي واري وزارت سيپٽمبر ۾ 7 بلين ڊالر قرض پروگرام جي حتمي منظوري لاءِ پراميد آهي.