نئون تعليمي سال شروع ٿي چڪو آهي، اسڪولن ۾ شاگردن جون داخلائون جاري آهن. حڪومت جو زور آهي ته، وڌ ۾ وڌ ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿين ۽ تعليم حاصل ڪن. ان سلسلي ۾ ڪافي هنڌن تي ريليون به ڪڍيون پيون وڃن ته جيئن والدين، پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلين. هڪ طرف اهو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف درسي ڪتابن جي کوٽ به ٻڌائي پئي وڃي. شاگردن کي نصابي ڪتاب سرڪار طرفان گذريل ڪجهه سالن کان ڏنا وڃن ٿا. هن سال به ڪتاب ته ادارن ڏانهن موڪليا ويا آهن. پر، اهي شاگردن جي تعداد موجب ڪونه آهن. جنهن ڪري ڪن شاگردن کي ڪتاب مليا آهن ته ڪي ڪتاب حاصل ڪري ڪونه سگھيا آهن جن شاگردن کي ڪتاب ڪونه مليا آهن. سي دانهون ڪندا وتن. اهڙيون خبرون اخبارن ۾ ڇپجن پيون.
ڪي اسڪول اهڙا به آهن جن کي شاگردن جي تعداد موجب نصابي ڪتاب ڏنا ويا آهن. انهن اسڪولن ۽ شاگردن جا ڀاڳ ڀلا چئبا. ڪن ادارن ۾ ته ڪتاب موڪليا ويا آهن. پر، انهن ۾ ڪن سبجيڪٽن جا ڪتاب مورڳو نظر ئي ڪونه ٿا اچن. کٽل ڪتابن جي بغير درس وتدريس جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي. وري ڪن هنڌن تي شاگردن جي تعداد کان وڌيڪ ڪتاب موڪليا اٿن. انهن ادارن ۾ شاگرد ٿورا آهن ۽ ڪتاب گھڻا ڏنا ويا آهن. اهڙي ورهاست کي غير منصفانه ورهاست چئي سگھون ٿا. خبر ناهي ته اها ورهاست ڪهڙي طريقي سان ڪئي پئي وڃي. ان ورهاست ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي. شاگردن سان ٻه اکيائي ڪئي پئي وڃي. اهو ساڳيو حشر گذريل سال به ٿيو هو. پوءِ شايد ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اها کوٽ پوري ڪئي ويئي هئي. وري ساڳيو طريقو ورجايو پيو وڃي. ساڳيو نمونو برقرار رکيو ويو آهي. جنهن سان شاگردن ۾ بي چيني ۽ پريشاني وڌي رهي آهي. چون ٿا ته سڄي سنڌ ۾ چاليهه سيڪڙو ڪتابن جي کوٽ آهي. جيڪا پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اهي به اطلاع آهن ته، ڪن اسڪولن جا ڪتاب، بنڊل ٻڌي بڪ اسٽالن تي وڪرو ڪيا ويا آهن. اهڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي اچن پيون جتي درسگاهن جا نالا به ڏنا ويا آهن. جن جا نصابي ڪتاب بازار ۾ وڪرو ڪيا ويا آهن. ايتري نشاندهي ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. ڪنهن جي اصلاح لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي. تعليم کاتي جي آفيسرن کي ان طرف ڌيان ڏيئي نوٽيس وٺڻ گھرجي. ملوث ماڻهن کي بي نقاب ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ جي تعليمي ادارن جو معيار سٺو ڪونه آهي. هتان جو تعليمي معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي. تعليمي معيار ڪِرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. اهو هڪ الڳ موضوع آهي جنهن تي به لکڻ گھرجي ۽ تعليم جي تباهي جي ڪارڻن جي نشاندهي ڪرڻ گھرجي. هاڻ، انهن ڪارڻن ۾ نصابي ڪتاب نه ملڻ به هڪ آهي ڪتابن جي بغير استاد ٻارن کي پڙهائي نه ٿو سگھي ۽ ٻار به پڙهي نه ٿا سگھن. ڪتاب استادن توڙي شاگردن جو هٿيار آهن. ڪتابن جي ذريعي نصابي سرگرميون برقرار رکي سگھجن ٿيون. ڪتاب ئي شاگردن جي سڃاڻپ آهن. جيڪڏهن هتان جي تعليمي معيار کي سڌارڻو آهي تعليم کي اڳڀرو ڪرڻو آهي ته، ان لاءِ ضروري آهي ته، نصابي ڪتابن جي فراهمي يقيني ۽ لازمي بنائي وڃي. ان کان پوءِ شاگردن جي پڙهن جو عمل شروع ٿيندو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ڪتابن جي ڇپائي لاءِ ملندڙ رقم ۾ ڪرپشن نه ڪئي وڃي. انهن فنڊن ۾ گهوٻين کان پاسو ڪيو وڃي. سڄي سنڌ ۾ جيترا به شاگرد آهن. اهي انگ اکر گڏ ڪري، ان موجب ڪتاب ڇپايا وڃن ۽ ڪتابن جي ورهاست به منصفانه هئڻ گھرجي. انهيءَ سڄي عمل جو طريقيڪار بدلايو وڃي. ڇپائي تي خرچ ٿيندڙ فنڊس جي جاچ پڙتال يعني آڊٽ ڪرڻ به ضروري آهي. ڪتابن جي ورهاست تي به ڪڙي نظر رکڻ گھرجي. اها، جاچ ڪرڻ به لازمي آهي ته شاگردن جي هٿن تائين ڪتاب پهچن ٿا يا نه؟ ان سلسلي ۾ ادارن کي ڪتابن جي ورهاست جو رڪارڊ رکڻ گھرجي جنهن کي ڏسڻ سان چئي سگھجي ته هيترا ڪتاب ورهايا ويا آهن ۽ هيترا ڪتاب اڃا بچت ۾ پيل آهن جيڪي اسٽور روم ۾ پيا آهن. پيل ڪتابن جي به ڳڻپ ڪئي وڃي. هن وقت ڪافي اسڪولن ۾ اهڙو رڪارڊ موجود ڪونه آهي ۽ نه وري اعليٰ آفيسرن ان باري ۾ ڪڏهن پڇيو به آهي. ڪتاب جيڪي مليا اهي اگھيا باقي وڌيڪ ڪوبه پڇاڻو ڪونه ٿو ڪيو وڃي. نتيجي ۾ ڪتابن جي ورهاست ۾ ڌانڌلي ڪئي وڃي ٿي.