ڪراچي(رپورٽر)شھيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاءِ ڪراچي (زيبل) ۽ ٻين يونيورسٽين جي شاگردن بس جي ٽڪر سان فوت ٿيندڙ قانون جي شاگرد عرض محمد لھر جي خون سان انصاف ۽ ڪراچي ۾ پراڻيون بسون بند ڪرڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جلال شاھ، آصف ڀٽو، رحمت پتافي، اسمه حسن، سرمد لنڊ ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ ھلندڙ ناقص ٽرانسپورٽ، کٽارا ۽ پراڻيون بسون ھلندڙ گھمندڙ موت جو راڪاس آھن، بسن جي ڊرائيورن وٽ نه ڪو لائسنس آھي ۽ نه ئي اھي گاڏيون روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ھلڻ جھڙيون آھن، تازو 20 نمبر بس جي ڊرائيور جي غفلت ۽ تيز رفتار سبب قانون جو شاگرد شھيد عرض محمد لھر جواني ۾ پنھنجي حياتي وڃائي ويٺو، پوليس ھٿ وٺي ڊرائيور بس کي ڪجھ پئسن عيوض ڀڄايو ۽ بعد ۾ وڪيلن جي پريشر ھيٺ فرضي ماڻھو ظاھر ڪيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته قاتل ڊرائيور خلاف قانوني ڪاروائي ڪري،