شريف خاندان ۾ اختلاف، شهباز شريف حڪومت لاءِ خطرو؟

اسلام آباد (انصار عباسي) شريف خاندان ۾ سنگين قسم جا اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ مريم نواز شهباز شريف حڪومت لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. اصل ۾ نواز ليگ جي اتحادي پيپلزپارٽي مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب  ۾ جتي جتي پيپلزپارٽي جا ميمبر کٽي آيا آهن، اتي کين مڪمل سياسي ۽ انتظامي چوٽ ڏني وڃي، اتي سندن مرضيءَ جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ کين فنڊ ڏنا وڃن، جنهن جي شهباز شريف کي خاطري ڪرائي آهي پر مريم نواز پيپلزپارٽي جو اهو مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪيو، مريم نواز سمورا آفيسر ميرٽ تي مقرر ڪري رهي آهي ۽ اها ڪا به سفارش ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ان تي پيپلزپارٽي کي خدشا آهن، جنهن جي ڪري شهباز شريف ۽ مريم نواز هڪٻئي کان ڪاوڙيل آهن. مريم نواز پنهنجي فيصلي تان هٿ کڻڻ جو جواب ڏيندي چيو ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفي’ ڏئي ڇڏيندي پر اهو فيصلو واپس نه وٺندي. هاڻي سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽي ڇا ڪندي ڇا اها ان مطالبي نه مڃجڻ تي حڪومت کان الڳ ٿي ويندي؟ مريم نواز جي فيصلي سان مٿس ته فرق نه پوندو پر شهباز شريف حڪومت لاءِ خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 26 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.