اسلام آباد(فخر دراني)وفاقي سرڪارآئيني ترميمن جو بل تيار ڪري ورتو،وزيرن،سينيٽرن،ايم اين ايز سان رابطي باوجود ڪو به ان بل تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، ان بل لاءِ مڪمل رازداري برقرار رکي پئي وڃي،پارليامينٽ جو گهرايل هنگامي گڏيل اجلاس ڪلينڊر جي ٽن هفتن کان اڳ گهرائڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، حڪومت مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي خوف ۾ اهو اجلاس گهرايو آهي، ان فيصلي کان اڳ ئي حڪومت آئيني پئڪيج متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي،اطلاعن مطابق آئين جي آرٽيڪل 175 ۾ ڪجهه ترميمون تيار ڪيون ويون آهن، قانون واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀ کان اهم ڳالهه آرٽيڪل ۽ 180 ۽177 ۾ ججن جي ملازمت مدي،چيف جسٽس جي مقرري بابت ڊرافٽ تيار ڪري حڪومت کي موڪليو ويو آهي، ڊرافٽ مطابق ججن جو مدو 65 سالن مان وڌائي 68 سال ڪيو ويندو، سوال اهو آهي ته حڪومت ان سلسلي ۾ عدليه کان راضپو حاصل ڪيو؟ يا بار ڪائونسلز جي ڪا مرضي شامل آهي؟ اطلاعن مطابق سپريم ڪورٽ جا جج به ان آئيني ترميم تي راضي آهن ، اطلاعن مطابق قانون واري وزير ،اعظم نذير تارڙ بار ڪائونسلز کي به اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي،ذريعن موجب قانون سازي لاءِ حڪومت نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت بابت به آئيني ماهرن جي راءِ ورهايل نظر اچي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد وٽ 208 ميمبر آهن، ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ 20 کن ميمبرن جي کوٽ آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ 66 ميمبرن جي گهرج آهي پر حڪومتي اتحاد وٽ 59 جي ويجهو ميمبر آهن، ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي جڏهن ته بيڪ ڊور تي ٻين ميمبرن سان به رابطا جاري آهن، آزاد ميمبر هن وقت اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نهاري رهيا آهن، باهرين ملڪ ويل ميمبرن کي واپس گهرايو ويو آهي، ذريعن موجب پارليامينٽ اجلاس کان اڳ اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي بحالي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيندي، جنهن بعد حڪومت وٽ نمبر پورا ٿي ويندا پر ان جي باوجود آئيني ترميمن وارو معاملو مڪمل رازداري ۾ رکيو پيو وڃي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 26 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو