اسلام آباد (م ڊ) جي يو اڳواڻ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته آئيني ترميم ۽ ججن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان افواهه ڇڏي ماڻهن جي راءِ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ان حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. اهي رڳو افواهه آهن ۽ اهي سچ به ٿي سگهن ٿا. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات سماجي هئي، ائين ناهي ته صدر آصف علي زرداري ساڻس ملاقات ڪري آئيني ترميم لاءِ حمايت گهري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي آئيني ترميم آندي وئي ته جيڪڏهن اها قبول ڪرڻ جوڳي هوندي ته حمايت ڪئي ويندي ۽ قبول ڪرڻ جوڳي نه هوندي ته پي ٽي آءِ سان گڏجي ويهي حڪمت عملي جوڙينداسين ۽ اڳواڻن جي هدايتن تي عمل ڪنداسين. ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو ڇو ته هن وقت تائين اهڙي ڪا شئي ناهي ٿي رهي.