لاهور(م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مفادن جي سياست شروع ٿي وئي آهي. ڪنهن کي پنهنجو مدو وڌائڻو آهي، ڪنهن کي پنهنجي پارٽيءَ لاءِ ڪجهه سيٽون وٺڻيون آهن. منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بجلي جي بلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، گئس جو بحران پکڙجي رهيو آهي، پگهاردار طبقي کان ٽيڪس ذريعي پئسا ورتا پيا وڃن پر پاڪستان ۾ ڪا به سياسي پارٽي ناهي جيڪا عوامي مسئلن تي ڳالهائي. هر حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مراعات يافته طبقي کي نوازيندي رهي آهي. قوم جا 2 هزار ارب رپيا بجلي استعمال نه ڪرڻ تي آءِ پي پيز کي ڏنا پيا وڃن، اهي سموريون پارٽيون ان آءِ پي پيز ٺاهڻ وارن ۾ شامل آهن. قوم جا 2 هزار ارب رپيا بجلي استعمال نه ڪرڻ تي آءِ پي پيز کي ڏنا پيا وڃن، اهي سموريون پارٽيون ان آءِ پي پيز ٺاهڻ وارن ۾ شامل آهن. حافظ نعيم الرحمان پي ٽي آءِ باني جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ملڪ ۾ سياسي قيدي نه هئڻ گهرجن. هن چيو ته آصف زرداري چوندو هو ته پاڪستان ۾ سياسي قيدي نه هئڻ گهرجن، هاڻ آصف زرداري صدر آهي پر سندس ڪم رڳو پنهنجي مدي ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ آهي، جيڪڏهن اها جمهوريت جي بحالي لاءِ هجي ها ته سٺو هجي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو صدر واڌ تي ناراض ماڻهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي پر اهي بجلي، تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ نه پيا اچن ته پوءِ انهن جي حمايت ڇو ڪريون.