ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وچ ڀارت ۾ موجود طاقتور هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ سسٽم ڊپريشن جي صورت ۾ مڌيا پرديش ۾ موجود آهي. هن سسٽم جي اثر هيٺ هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، جنهن سبب اڄ کان 31 آگسٽ دوران سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ سڀاڻي کان 31 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.